جڏهن حڪومت ملي ڏيوالي جو خطرو هو، 2020 ترقي جو سال آهي: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2023 تائين وسرڻ نه ڏيندس ته اسان کي ڪهڙو پاڪستان مليو هو، اسان کي سوئيڊن جي معيشت نه ملي هئي، ماضي جي حڪومتن جي نااهلي کان عوام کي آگاهه ڪندو رهندس، ڏکيو وقت گذرڻ کان پوءِ ملڪ هاڻي سگهارو ٿيو آهي، واپاري برادري جي دل ۾ نيب لاءِ سڀ کان وڏو ڊپ آهي پر اسان هڪ آرڊيننس جي ذريعي واپارين جي معاملن کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي، نيب کي رڳو پبلڪ آفيس رکندڙن تي نظر رکڻ گهرجي، واپاري برادري وسيلا پيدا ڪري ٿي ۽ اها قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي جڏهن واپار جي مسئلن جي ور چڙهيل هجي، حڪومت ڪاروباري طبقي کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان جي معاشي ٽيم هر وقت بزنس ڪميونٽي لاءِ حاضر هوندي. هو جمعي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٽاپ 25 ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي شاهه محمود قريشي، فيصل وواڊا، عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، عمران اسماعيل، شاهه فرمان ۽ رضا باقر به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جا 2 بنيادي اصول هئا، اها رياست انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي بيٺل هئي، هن چيو ته ڪمزور طبقي جي حقن جي ذميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، سمورن ماڻهن جي لاءِ هڪ ئي قانون ۽ ملڪ ۾ انصاف جو نظام سڀني لاءِ هڪجهڙو هئڻ گهرجي، قائداعظم پنهنجي تقريرن ۾ جيڪا ڳالهه ٻڌائيندو هو اها مديني جي رياست جي اصولن تي ٻڌل هئي، هن چيو ته فلاحي رياست جو تصور کڻي چين 30 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اهڙي طرح آمريڪا ۽ يورپ ۾ رياست پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي، ۽ اهو ئي فلاحي رياست جو مثال آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جنهن مقصد لاءِ وجود ۾ آيو هو اسان کي ان جي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ترقي ڏيارڻ ۾ سيڙپڪارن جو اهم ڪردار آهي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پي ٽي آءِ حڪومت کي 2018ع ۾ 18 هزار ارب جو قرض مليو هو ۽ اها به خبر آهي ته اسان کي ادارا ڪهڙي حال ۾ مليا هئا، اسان جي حڪومت سمال ۽ ميڊيم انڊسٽريز جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪندي رهندي، وياج جي شرح جيڪا هن وقت آهي اها گهٽجي ويندي ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ڪراچي پهتا ته ايئرپورٽ تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سندن آجيان ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *