محنت ڪري رهيو آهيان، اميد آهي ته ٽيسٽ ۾ ٻيهر جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويندس: عمر اڪمل

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) مشهور پاڪستاني رانديگر عمر اڪمل چيو آهي ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريان، منهنجوڪم پرفار ڪرڻ آهي.چونڊ ڪرڻ سليڪٽر جو ڪم آهي.قائداعظم ٽرافي جي فائنل ۾ سينٽرل پنجاب طرفان کيڏندي ناردرن جي خلاف ڊبل سينچري اسڪورڪندڙ عمر اڪمل چيو آهي ته مان مسلسل محنت ڪري رهيو آهيان.اميد آهي ته ٽيسٽ ۾ ٻيهر جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويندس. هڪ سوال تي هن چيو ته نئون ڊوميسٽڪ سسٽم  بهتر آهي ۽ سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.اميد آهي ته وڌيڪ رانديگرن کي موقعا ملندا. هن چيو ته هڪ بال تي ڪيريئر جو فيصلو ناهي ٿيندو. جيڪڏهن موقعومليو ته پرفارم ڪري سگهان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *