عدليه ۽ ارڙهين ترميم تي حملا پيا ٿين، ميڊيا آزاد ناهي، ڪٽ پتلي راڄ لڏي پيو: بلاول ڀٽو زرداري

راولپنڊي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست نه ٿي ٺهي سگهي، جيڪڏهن سياسي يتيمن جو راڄ هوندو ۽ عوامي راڄ نه هوندو ته ملڪ نه ٿو هلي سگهي، وزيراعظم اين او سي کانسواءِ ٻئي ملڪ جو دورو نه ٿو ڪري سگهي، 2020 صاف ۽ شفاف اليڪشن جو سال هوندو، اڄ پارليامينٽ کي تالو لڳي چڪو آهي، 18 هين ترميم تي حملا ڪيا پيا وڃن ۽ صوبن کان حق کسيا پيا وڃن، سنڌ جو عوام ناراض آهي، گيس پيدا ڪندڙ صوبي کي گيس نه ٿي ڏني وڃي، بينظير ڀٽو شهيد عوام جي اميد هئي، جيڪا دشمن طاقتن کي برداشت نه هئي، شهيد بينظير عوامي آزادي لاءِ ٻن آمرن سان ٽڪر کاڌو، ڀٽو آهي، ضياءَ هو، بينظير ڀٽو آهي، مشرف هو. جمعي تي بينظير ڀٽو شهيد جي 12 هين ورسي جي حوالي سان هڪ جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير قرآن جي آيتن جي ترجمي سان شروع ڪئي ۽ چيو ته شهيد زندهه آهن انهن کي مئل نه چئو، اها ڳالهه توهان جي سمجهه کان  ٻاهر آهي، الله سائين کين رزق پهچائي ٿو، هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو 2 ٽڪڙا ٿيل ملڪ کي ڳنڍيو ۽ ڀٽو شهيد 90 هزار جنگي قيدي، 5 هزار ميل زمين دشمن کان واپس ورتي، ڀٽو شهيد آئين ڏنو. هن چيو ته راولپنڊي تون شاهد آهين ته هن ملڪ کي ڪنهن ائٽمي طاقت بڻايو، ڪنهن مسلم امت کي پاڪستان جي قيادت ۾ لاهور ۾ گڏ ڪيو، هن چيو ته اوهان شاهد آهيو ته ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، اوهان شاهد آهيو ته محترمه بينظير عوام جي حقن ۽ عوام جي آزادي لاءِ 30 سال جدوجهد ڪئي، ٻن آمرن سان مقابلو ڪيو، سليڪٽڊ حڪمرانن ۽ نالائق سياستدانن سان منهن ڏنو. هن چيو ته شهيد بي بي ميڊيا کي آزاد ڪرايو، دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرايو، شهيد محترمه عوام جي اميد هئي. بلاول ڀٽو چيو ته ساٿيو اڄ وري هي ڌرتي سڏي رهي آهي ته مان خطري ۾ آهيان انهي ڪري مان اڄ هن تاريخي لياقت باغ ۾ آيو آهيان جمهوريت جو حال ڏسو، پارليامينٽ کي تالو لڳي چڪو آهي، ميڊيا آزاد ناهي، عدليه تي حملا ٿي رهيا آهن، 18 هين ترميم تي حملا ٿي رهيا آهن، شدت پسندي جي باهه سڄي ملڪ ۾ لڳل آهي، خيبر پختونخوا ۾ قبائلي علائقن کان وٺي پشاور تائين عوام پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري کي 12 سال قيد ڪيو ويو هڪ به الزام ثابت نه ٿيو، شهيد بي بي کي جلاوطن ڪيو ويو خطرو ڏسي به پنهنجي وطن واپس آئي، 2007ع ۾ هن ئي لياقت باغ ۾ بي بي شهيد آخري خطاب ڪيو بينظير کي بم ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو، هوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي هئي. حڪومت تي تنقيد ڪندي بلاول چيو ته پنجاب جي دل لاهور ۾ وڪيلن کان وٺي شاگردن تائين واپارين کان وٺي هارين تائين سڀ احتجاج ڪري رهيا آهن، بلوچستان جي تاريخي بدحالي عوام کي مايوس ڪري رهي رهي آهي، عوام جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي هي حڪومت عوام جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي هن معاشي صورتحال ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک ماڻهن کي ڪڍيو ويو اها غريب سان دشمني ناهي ته ٻيو ڇا آهي، بلاول چيو ته اسان جي خودمختياري جو حال ڏسو ته وزيراعظم اين او سي کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جو دورو نه ٿو ڪري سگهي، هن ملڪ جا معاشي فيصلا آءِ ايم ايف ڪري رهيو آهي، ڪشمير جو مسئلو ڏسو جنهن جو سودو ڪيو پيو وڃي هي اها جمهوريت ناهي جنهن جو واعدو شهيد ڀٽو ڪيو هو، اسان کي پاڪستان بچائڻو آهي، ساٿيو اسان بي بي جو پاڪستان جو ضرور ٺاهينداسين ۽ ڀٽو جو نعرو هڻندا رهنداسين. هن چيو ته راولپنڊي شاهد رهجان مان پنهنجي ملڪ ۾ ووٽ جو مان مٿاهون ڪندس ۽ بي بي شهيد جي مشن کي مڪمل ڪندس. پ پ چيئرمين چيو ته عزت ۽ ذلت الله جي هٿ ۾ آهي، جن يتيمن کان بينظير خبردار ڪري رهي هئي اڄ انهن يتيمن جو راڄ آهي، ملڪ ۾ رڳو بحران آهي پوڙهن ۽ عورتن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، بلاول چيو ته ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست نه ٿي ٺهي سگهي، هي سياسي يتيم چوندا هئا ته نواز شريف جيل مان ٻاهر نه ايندو پر اهو آزاد ٿيو، هي سياسي يتيم چوندا هئا ته آصف زرداري جيل مان آزاد نه ٿيندو پر اهو به ٻاهر اچي ويو، ملڪ هلائڻ سياسي يتيمن جي وس جي ڳالهه ناهي، پ پ چيئرمين چيو ته خيبر کان ڪراچي تائين عوام چئي رهيو آهي ته الوداع الوداع سياسي يتيم الوداع، الوداع الوداع سليڪٽڊ الوداع. هن چيو ته جيالو عوامي راڄ پ پ کان سواءِ نه ٿو ٿي سگهي انڪري منهنجو ساٿ ڏيو، منهنجو پيغام ضرور پهچائجو، معاشي انصاف ۽ عوامي راڄ جي لاءِ منهنجا هٿ مضبوط ڪيو، مان ڀٽو شهيد جو جهنڊو ۽ بي بي شهيد جو پيغام کڻي نڪتو آهيان، هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان جو ملڪ خطري ۾ آهي، اسان جي جهموريت خطري ۾ آهي، اسان جي آزادي خطري ۾ آهي، اسان جو غريب خطري ۾ آهي، اسان جي ڌرتي اسان کي سڏي رهي آهي، اسان جي شهيدن جو رت اسان کي سڏي رهيو آهي، اسان تي فرض آهي وطن ۽ عوام کي اسان کي بچائڻو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان گڏجي شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪنداسين، پ پ ڪارڪنن جي محنت سان اسان انهن سليڪٽڊ ۽ سياسي يتيمن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين ۽ عوامي راڄ قائم ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *