مخالف ڌر صدر جي تقرير کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو، ممنون حسين لکيل تقرير پڙهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته صدر ممنون حسين حڪومت جي لکيل تقرير پڙهي پارليامينٽ جي ٻن سالن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کي سٺو چئي عجيب ڳالهه ڪئي آهي، ممنون حسين پشاور سانحي جو ذڪر ڪيو، پر سنڌ ۾بجلي جي لوڊشيڊنگ واري معاملي کي نظر انداز ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته صدر ممنون حسين پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ڳالهه ڪئي، پر سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ واري معاملي کي نظر انداز ڪيو ويو. اپوزيشن ليڊر صدر جي خطاب کي عجيب قرار ڏيندي چيو ته ممنون حسين  حڪومت جي لکيل تقرير پڙهي پارليامينٽ جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کي سٺو قرار ڏنو. خورشيد شاهه نئين سال جي مالي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي  پگهار ۾ اضافو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهار  ۾ اضافي جو اعلان ڪري. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پوليس کاتي ۾ ملازمن جون پگهارون سئو سيڪڙو وڌايون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *