اومني گروپ کي 29 ارب غير قانوني ڏيڻ جو الزام، ريفرنس داخل

اسلام آباد (م.ڊ) نيب راولپنڊي سنڌ بئنڪ ۾مبينا ڪرپشن اسڪينڊل جو ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي. نيب طرفان اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان اٺون ريفرنس پيش ڪيو ويو. نيب سنڌ بئنڪ ۾ قرضن جي حوالي سان مبينا ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ بلاول شيخ ۽ طارق احسن وڌو 20 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ريفرنس ۾ نيب چيو آهي ته جوابدارن تي اومني گروپ کي غيرقانوني طريقي سان 29 ارب رُپيا قرض ڏيڻ جو الزام آهي، اُنهن مان 25 ارب رُپيا اڃا تائين ادا نه ڪيا ويا آهن. ريفرنس موجب 1.84 ارب رُپين جو قرض اومني جي ٽن بي نامي اڪائونٽس کي فراڊ ذڙيعي ڏنو ويو، جڏهن ته 1.84 ارب جو قرض سمٽ بئنڪ کي ڪيپيٽل کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو. سنڌ بئنڪ ۾ مبينا ڪرپشن جي حوالي سان داخل ٿيل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اومني گروپ جي 6 ملازمن جي نالي تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس کوليا ويا، بلال شيخ ۽ طارق احسن سنڌ بئنڪ جي صدر طور ذميواريون ڏيندا رهيا. ٻئي اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *