انضمام الحق جي سليڪشن ڪاميٽي “ڊمي” آهي: سڪندر بخت

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر سڪندر بخت چيو آهي ته انضمام الحق جي سربراهي ۾ سليڪشن ڪاميٽي ڊمي آهي، چيف سليڪٽر انصاف جي گهرجن تي پورو نٿو لهي، کيس فوري طور هٽائڻ گهرجي. پاڪستان لاءِ 1976ع کان 1983 تائين 26 ٽيسٽ ميچز ۾ 36.00 جي اوسط سان 67 وڪيٽون حاصل ڪندڙ سڪندر بخت چيو ته انضمام الحق جي سليڪشن ڪاميٽي ۾ شامل اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر توصيف احمد، وجاهت الله واسطي ۽ 1992 وارو ورلڊ ڪپ کيڏندڙ وسيم حيدر پي سي بي جي پگهاردار ضرور آهن پر انضمام جي هوندي ٽنهي جي ڪا اهميت نه آهي. هن چيو ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان ڪرڪيٽ جي تباهي هو، ذاتي راءِ ڪرڪيٽ تي نٿي مڙهي سگهجي. واضح رهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي اعلانيل اسڪواڊ تي ان وقت به تمام گهڻي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو هو، چيف سيلڪٽر انضمام الحق تي پنهنجا نوازي جو الزام پڻ مڙهيو ويو هو، ٻئي پاسي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو به ورلڊ ڪپ بعد معاهدو ختم ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *