جيڪولين فرنانڊس امڙ جو خواب ساڀيان ڪرڻ واري،ملائيشيا ۾ گهر وٺي تحفي ۾ ڏينديس

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنانڊس ملائيشيا ۾ پنهنجي امڙ کي گهر خريد ڪري ڏيڻ وارو خواب پورو ڪرڻ واري آهي. ملائيشيا، سريلنڪا ۽ ڪينيڊا جي گڏيل نسل واري اداڪارا جي ويجهن ساٿين ٻڌايو ته تازو ئي ڀارتي شهر باندرا ۾ گهر خريد ڪنندڙ جيڪولين فرنانڊس هاڻ ملائيشيا ۾ به ملڪيت خريد ڪرڻ واري آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ ڪوالالمپور ڀرسان هڪ گهر به ڏسي ورتو آهي، جيڪو هوءَ پنهنجي امڙ ڪم کي تحفي ۾ ڏيڻ چاهي ٿي. ذريعن تصديق ڪئي ته جيڪولين جي امڙ جي اها خواهش رهي آهي ته ملائيشيا ۾ سندس گهر هجي جتي سندس ڪٽنب جا ڪافي ماڻهو پڻ رهن ٿا. امڙ جي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ جيڪولين ملائيشيا ۾ گهر ڳولڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ سئوٽ پڻ سندس مدد ڪري رهيا هئا، هاڻ هن ڪوالالمپور ڀرسان هڪ گهر پسند ڪري ورتو آهي، جيڪو هوءَ جلد خريد ڪري پنهنجي امڙ کي تحفي ۾ ڏيندي،چيو پيو وڃي ته جيڪولين تازو آئيفا ايوارڊن جي تقريب ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ ملائيشيا ۾ هئي، جتي هن کيس به اهو گهر ڏيکاريو، جيڪو ڪم کي پسند آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *