اداڪارا عاليه ڀٽ آخرڪار پنهنجي چاهيندڙ جا ٿورا مڃي ورتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا عاليه ڀٽ ڪلهي جي زخمي ٿيڻ جي ڪري ڪالهه انٽرنيشنل يوگا ڊي ملهائي نه سگھي، 22 سالا اداڪارا  انجريءَ بابت انسٽا گراما اڪائونٽ تي اهڙي تصوير جاري ڪئي، انسٽا گرام تي هن پنهنجي ساڃي ٻانهن جي تصوير جاري ڪئي جنهن ۾ سندس ساڃي ٻانهن تي پلاسٽر ٻڌل نظر اچي رهيو آهي، اداڪارا عاليه ڀٽ پنهنجي چاهيندڙ جا ٿورا مڃنيدي چيو ته توهان سڀني جي مهرباني جن مون کي وِش ڪيو، هن چاهيندڙن جي سوالن جواب ڏيندي چيو ته ڪا خاص ڳڻتيءَ جي ڳالهه ناهي، مان هِڪ ٻِن هفتن دوران فِٽ ٿي وينديس. ”هاءِ وي“ اداڪارا عاليه جي ايندڙ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ آهي، جنهن جي لاءِ هوءَ اڄڪلهه شوٽنگ ۾ مصروف آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *