“ را” طرفان زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستاني دوري کان روڪڻ لاءِ ڌمڪي ڏيڻ جو انڪشاف

لاهور:(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڳجهي اداري“ را“ طرفان زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري کان روڪڻ جي ڌمڪي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ڪرنل (ر) شجاع خانزادا اهڙو انڪشاف ڪيو،هن ٻڌايو ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ جڏهن دبئي پهتي ته اتي مهمان ٽيم جي مينيجر کي ڀارتي ڳجهي اداري جي آفيسر ڌمڪي وارو ايس ايم ايس اماڻيو، جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن سندن ( زمبابوي) جي ٽيم پاڪستان پهتي ته رانديگر زنده سلامت واپس نه موٽندا، ڌمڪي ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن زمبابوي جي ٽيم پاڪستان پهتي ته سندن نڙگهٽ ڪٽيا ويندا، شجاع خانزادا ٻڌايو ته پاڪستان جي حساس ادارن جڏهن جاچ ڪئي ته خبر پئي ته جنهنن  نمبر تان زمبابوين مينيجر کي ايس ايم ايس اماڻيو ويو هو، اهو دهلي ۾ را جي هڪ آفيسر جو آهي. صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته را طرفان مهمان ٽيم کي ڌمڪي وارو ايس ايم ايس اماڻڻ بابت پرڏيهي کاتي کي به ٻڌايو ويوهو، جنهن کانپوءِ زمبابوين ٽيم کي ملڪي صدر جي برابر واري سيڪيورٽي ڏني وئي، شجاع خانزادا جو چوڻ ته پاڪستان ۽ زمبابوي ۾ ٻي ون ڊي ميچ دوران اسٽيڊيم ٻاهران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ به را ملوث هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *