جيڪا حڪومت اچي ٿي پنهنجي مرضي جو قانون ٺاهي ٿي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي چيو آهي ته جيڪا حڪومت اچي ٿي اها پنهنجي مرضي جو قانون ٺاهي ٿي، خابرو ادارن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊجڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 2013ع جي شو آف هينڊز جي قانون ۾ ترميم جي ڪهڙي ضرورت هئي، قانون ۾ تبديلي آڻڻ جو مقصد بهتري آڻڻ هوندو آهي، تباهي نه، پر هتي قانون کي رانديڪو ٺاهيو ويو آهي، پنهنجي فائدي لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي ٿي، سندس چوڻ هو ته جيڪا حڪومت اچي ٿي اها پنهنجي مرضي جا قانون ٺاهي ٿي ۽ سڄو گند عدالتن مٿان وجهي ڇڏي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *