بلاول ڀٽو جي شهيد ذوالفقار علي،امڙ بينظير،ناني نصرت ۽ مامن مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز جي مزارن تي حاضري

نئون ديرو (رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، امڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ناني بيگم نصرت ڀٽو، مامن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي. بعد ۾ مزا اندر قائم ڪيل شهداءَ گئلري جو معائنو ڪيو، جتي پ پ جي شهيد ڪارڪنن جون تصويرون پنهنجي موبائل فون ۾ ڪيپچر ڪيون. ان موقعي تي ايم اين اي فريال ٽالپر، سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ساڻس گڏ هيون. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان اڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرائي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. جڏهن ته نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين سيڪيورٽي الرٽ رکندي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ عام ٽريفڪ کي پڻ مڪمل طور تي بند رکيو ويو جنهن ڪري عام ماڻهن کي سخت گرميءَ سبب پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. هوڏانهن حاضري ڀرڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري نوابشاهه روانو ٿي ويو. 002

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *