آرمي چيف سان چيني اڳواڻ جي ملاقات، اقتصادي راهداري منصوبي تي ڳالهيون

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان چائنا ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي بيورو اڳواڻ زانگ چوزينگ ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران اقتصادي راهداري منصوبي ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خابرو ادارن موجب آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان چيني اڳواڻ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي دفاع ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي به غور ڪيو ويو، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته راهداري منصوبي کي وقت سر پڄاڻي تي پهچائڻ لاءِ محفوظ ماحول ڏيڻو پوندو، سندس چوڻ هو ته راهداري منصوبي خطي جي بهتري جي فائدي ۾ آهي، چيني اڳواڻ زانگ جو چوڻ هو ته اقتصادي راهداري منصوبو خطي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن سان خطي ۾ پائدار اثر پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *