محسن بيگ ڪيس: ڪنهن جج کي ڌمڪي نٿي ڏئي سگهجي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (م.ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اسحاق ڊار جو اعترافي بيان شهباز شريف خلاف ثبوت طور پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ ٻيو قدم کڻندي مخالف ڌر شهباز شريف تي ڪيس ثابت ڪرڻ لاءِ اسحاق ڊار جو اعترافي بيان شهباز شريف خلاف شاهد طور پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايف آءِ اي چالان ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار شهباز شريف خلاف اعترافي بيان ڏنو، اسحاق ڊار جو بيان به پاناما جي آءِ ٽي ۾ ثبوت طور پيش ڪيو ويو، چالان ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار جي بيان موجب شهباز شريف بي نامي اڪائونٽ کوليو هو، اڪائونٽ صديق سيد محفوظ هاشم جي نالي تي کوليو ويو هو، شهباز شريف 1997ع کان پوءِ واري حڪومت دوران بي نامي اڪائونٽ کوليو هو، ايف آءِ اي چالان ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اڪائونٽ ۾ 18 ملين ڊالر جي رقم جمع ڪرائي وئي هئي، اسحاق ڊار جو اعترافي بيان ڪنهن به عدالتي فورم تان واپس ناهي ورتو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي حديبيه ملز ڪيس کي ثبوت طور پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ثبوتن مان ثابت ٿيندو ته شهباز شريف مني لانڊرنگ ۾ رڪارڊ يافته ڏوهاري آهي، حديبيه ڪيس ۾ ثابت ٿي چڪو ته شهباز شريف بي نامي اڪائونٽس ٺاهيندو رهيو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *