جهڪيو آهيان نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس، سفارشن باوجود اين آر او نه ڏيندس: عمران خان

واشنگٽن (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان ڏيهه ورڻ تي نوازشريف جي سيل مان ٽي وي ۽ اي سي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي واضح ڪيو ته آصف زرداري کي به ان جيل ۾ رکنداسين جتي ٽي وي نه اي سي هوندو اپوزيشن ڀلي ڇا به ڪري قوم جي دولت واپس ڪرڻي پوندي پئسا واپس ڪريو جيل مان ڪڍي ڇڏينداسين پهريون ڀيرو پاڪستان جي اسيمبلي ڊيزل کان سواءِ هلي رهي آهي فضل الرحمان، بلاول ۽ (ن) ليگ سڀ گڏجي ويا آهن انهن جو هڪ ئي مقصد آهي ته کين اين آر او ملي وڃي مون کي ٻاهران به سفارشون ڪرايون اهن اڄ تائين ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ناهيان جهڪيو ۽ نه پنهنجي قوم کي ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ ڏيندس اڄ پاڪستان ٺهي رهيو آهي اوهان پاڪستان کي تبديل ٿيندي ڏسندا ۽ هر سال ملڪ ترقي ڪندو رهندو پاڪستان ۾ موجود ڪوئلي مان سعودي عرب کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي پاڪستان ۾ سمورن واپارين کي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو سڀ گڏجي ٿوري ٿوري ٽيڪس ڏين ته پاڪستان کي قرضن جي دٻڻ مان ڪڍڻ ڏکيو نه آهي گذريل ڏينهن ڪيپيٽل ارينا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ هڪ خاص نعمت طور اسان کي پاڪستان ڏنو ڪنهن کي به اندازو نه آهي ته پاڪستان الله جي ڪيڏي وڏي نعمت آهي هن چيو ته هاڻي پاڪستان کي تبديل ٿيندي ڏسندا ۽ هر سال ملڪ ترقي ڪندو رهندو وزيراعظم ڍيو ته انشاءالله پاڪستان کي ڪڏهن به شرمسار نه ٿيڻ ڏيندس هن چيو ته جمهوريت ۾ ٻه شيون هونديون آهن جيڪي بادشاهت ۾ ناهن هونديون جمهوريت ۾ ميرٽ آهي جڏهن ته بادشاهت ۾ ميرٽ ناهي هوندي ۽ دنيا ۾ جن ملڪن به ترقي ڪئي ميرٽ جي بنياد تي ڪئي. جنهن ملڪ ۾ ميرٽ گهٽ هئي اهو پوئتي رهجي ويو زويراعظم چيو ته جيڪڏهن هڪ سٺو بادشاهه هجي ته ضروري نه آهي ته ان جو پٽ به سٺو هجي هندستان سپر پاور هوندو هو بهترين مغل بادشاهه آيا اورنگزيب کان پوءِ جيڪي ان جا ٻارڙا آيا پر ڪنهن ۾ به صلاحيت نه هئي جنهن سبب مغل دور ختم ٿي ويو پاڪستان جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قائداعظم کان پوءِ ڇو سٺو ليڊر ناهي آيو هڪ ذوالفقارعلي ڀٽو هو پر اسان جي ملڪ ۾ به هڪ قسم جي بادشاهت اچي ويئي هن ٻڌايو ته نوازشريف کي هڪ عامر مٿي کڻي ليڊر بڻايو جڏهن ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ڪاغذ جو ٽڪرو ڏيکاري ليڊر بڻجي ويا ولي خان جو به ساڳيو حال آهي مولانا فضل الرحمان به اهڙي طرح ليڊر ٿيو ۽ ان جو ڀاءُ ۽ ٻار به ليڊر بڻجي ويا آهن هن چيو ته شهبازشريف ڇو وزيراعليٰ بڻجي ويو ڇو ته هو نوازشريف جو ڀاءُ هو هن چيو ته جمهوريت ۾ ملڪ جو سربراهه جوابده هوندو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ جڏهن عدالت فيصلو ڪري ٿي ته چون ٿا ته مون کي ڇو ڪڍيو جيڪو اڄ پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي هي نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي ماضي ۾ ڪڏهن به انهن ماڻهن کان ناهي پڇيو ويو وزيراعظم چيو ته ماڻهو پڇندا هئا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان اوهان جي آڏو نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي جنهن کان پڇو سڀ چون ٿا ته عمران خان ڪرائي رهيو آهي ان تي سمورا ڪيس پراڻا آهن اسان هڪ ڪيس به داخل ناهي ڪيو اسان رڳو ادارن کي آزاد ڪيو آهي نيب ۽ ايف آءِ اي کي آزاد ڪيو آهي هن ٻڌايو ته 1960 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان سڄي ايشيا ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو اسان جي بيورو ڪريسي سڄي ايشيا ۾ بهتر هئي اسان جي سرڪاري اسپتالن جو سٺو هال هوندو هو پوري خطي ۾ پاڪستان جا مثال ڏنا ويندا هئا وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان کي آهستي آهستي هيٺ ايندي ڏٺو 1985 کان پوءِ اصل تباهي شروع ٿي پهريون ڀيرو سياست ۾ پئسو آيو رشوت هلڻ شروع ٿي ويئي اڄ سڀ گڏ ٿي ويا آهن مولانا فضل الرحمان جو نالو وٺڻ بنا هن چيو ته اڄ پهريون ڀيرو پاڪستان جي اسيمبلي ڊيزل کان سواءِ هلي رهي آهي. هن چيو ته 180 ارب ٽن جو ڪوئلو پاڪستان ۾ موجود آهي هن ڪوئلي مان اسان سعودي عرب کان وڌيڪ بجلي ٺاهي سگهون ٿا وزيراعظم چيو ته آسٽريليا جي هڪ منرل ڪمپني جي سيڙپڪار ٻڌايو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان ۾ قدرتي وسيلا آهن پر ڪرپشن جي ڪري اتي سيڙپڪاري نٿا ڪن اسان ڪرپشن ختم ڪري پاڪستان کي ترقي ڏياري ڏيکارينداسين عمران خان چيو ته منهنجو خواب آهي ته هڪ ڏينهن باهران دنيا ۾ پاڪستان ۾ نوڪريون ڳولڻ ايندي مديني جي رياست هڪ ماڊرن اسٽيٽ هئي ۽ جديد اصولن تي قائم هئي پينشنز جو تصور پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ آيو عورتن کي حق ڏيڻ جو تصور به مديني جي رياست ڏنو هن چيو ته افسوس سان چوان ٿو ته پاڪستاني ڳوٺڻ ۾ اڄ تائين عورتن کي پراپرٽيز ۾ حصو نٿو ڏنو وڃي هڪ قانون کڻي اچي رهيا آهيون جنهن ۾ عورتن کي پارپرٽيز ۾ حصو ڏيڻو پوندو هن چيو ته مسلم دنيا واحد مثال آهي جتي غلام ليڊر بڻيا اسان پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر ٺاهينداسين ۽ مديني جي رياست ميرٽ جي ڪري ترقي ڪئي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سمورن واپارين کي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته نوازشريف چوي ٿو ته گهر مان ماني گهرائيندس ماني صحيح نه آهي چوي ٿو ته ٽي وي هڻي ڏيو اي سي هڻي ڏيو جيئن اهي ماڻهو جيل ۾ رهي رهيا آهن هي سزا ته نه ٿي واپس وڃي جيل مان ٽي وي ۽ اي سي هٽائي ڇڏيندس هن چيو ته مون کي خبر آهي ته مريم بي بي گهڻو گهوڙ ڪندي پر پئسا واپس ڪريو ۽ ٻاهر اچو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *