وڪيل تيزي سان پنهنجي عزت وڃائي رهيا آهن، پنهنجي عزت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائن: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته وڪيل بڻجڻ پروفيشن آهن بزنس نه آهي، وڪيل کي جذبي سان ماڻهن جي خدمت ڪرڻ گهرجي جنهن جو سلو خدا ڏيندو، عدليا ۽ ميڊيسن  جي شعبي ۾ ڪنهن دوکيباز جي ڪا جڳهه نه آهي، ڪيس وڙهڻ لاءِ ڳالهين جي نه پر محنت جي ضرورت آهي، وڪيل کي ڪيس جي ريسرچ ڪرڻ گهرجي، سومر تي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ وڪيلن جي ٽريننگ ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته نوجوان وڪيلن لاءِ هي ٽريننگ اهم آهي، هن چيو ته وڪيل کي پيسن ڏانهن ڏسڻ نه گهرجي، هن چيو ته برطانيا ۾ هڪ لا گريجيوئيٽ کي تربيت ڏئي وڪيل بڻايو وڃي ٿو، چيف جسٽس چيو ته لا ڪاليجز جي ڪثرت سبب هاڻ سينيئر وڪيل گهٽ ٿي ويا آهن، هن چيو ته هاڻ اهڙن ادارن جي ضرورت آهي جتي نوجوان وڪيلن جي تربيت ٿي سگهي، هن چيو ته منهنجي پهرين سفارش اها آهي ته پيسن لاءِ نه سوچيو، جذبي سان ڪم ڪريو، پيسا الله توهان تائين پهچائيندو، چيف جسٽس چيو ته ٻي سفارش اها آهي ته ڪيس جي مڪمل تياري ڪريو، ٻار گهڻو ڳالهائيندو آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته هي وڪيل ويندو، هن چيو ته منهنجو تجربو آهي ته سٺو ۽ گهڻو ڳالهائڻ کان وڌيڪ محنت ضروري آهي، هن چيو ته مون کي هڪ ڪيس جي ڳولا هئي، دنيا جي تاريخ ۾ رڳو هڪ ڪيس ملي سگهيو، پنهنجي ڪيس سان لاڳاپيل گذريل سمورن ڪيسن کي ڏسو، ٽين تجويز اها آهي ته وڪيل کي عدالت ۾ موجود هئڻ گهرجي، هن چيو ته ڪڏهن به ڪنهن به جج کي اهو چوڻو نه پوي ته وڪيل ڪٿي آهي، سينيئر وڪيل جي عزت ڪرڻ گهرجي، جونيئر وڪيل سدائين پٺين سينٽن تي ويهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *