امداد جو مقصد پاڪستاني معيشت ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ آهي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن  (اين اين آءِ) آءِ ايم ايف جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊيوڊ لپٽن وزيراعطم عمران خان سان ملاقات کان پوءِ چيو آهي ته پاڪستان ان جي پروگرام جو مقصد معيشت کي مستحڪم ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي وقتي ايم ڊي ملاقات ڪئي ۽ ان حوالي سان هڪ ٽوئٽ ڪندي بيان جاري ڪيو ويو ڊيوڊ لپٽن لکيو ته کيس واشنگٽن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سان ملي خوشي ٿي اسان تازو ئي اقتصادي ترقي ۽ آءِ ايم ايف جي حمايتي اقتصادي سڌارن واري پروگرام تي عمل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هن چيو ته ان جي پروگرام جو مقصد معيشت جو استحڪام ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي ۽ هي پاڪستان جي متوازن ۽ جٽادار ترقي جي رستي تي آڻيندو آءِ ايم ايف جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مستقبل ۾ ضروري سماجي ۽ ترقياتي خرچن کي بهتر نموني سان فراهم ڪرڻ لاءِ مقامي ٽيڪس روينيو کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي روشني وڌي پاڪستان جي اقتصادي سڌار پروگرام تي عمل جي لاءِ آءِ ايم ايف ۽ ٻين بين الاقوامي پاٽنرن سان گڏجي پاڪستان جي حڪومت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *