جن علائقن ۾ پاڻي جو دٻاءُ آهي انهن کي پي ڊي ايم اي طرفان وڌيڪ ٻيڙيون ڏياريون وينديون: وڏو وزير

سکر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه رليف بابت خاص صلاحڪار محمد حسن هنڱورو کي هدايت ڪئي آهي ته جن علائقن ۾ پاڻي جو دٻاءُ آهي انهن کي پي ڊي ايم اي طرفان وڌيڪ ٻيڙيون ڏياريون وڃن، جنهن ۾ سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن لاءِ 30، 30 جڏهن ته خيرپور ضلعي لاءِ 40 ٻيڙيون فوري فراهم ڪيون وڃن، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته رليف جي ڪمن لاءِ هر ضلعي لاءِ 505 ملين رپيا جاري ڪيا ويندا، جنهن لاءِ خزاني واري وزارت کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي آبپاشي جي صوبائي سيڪريٽري سيد ظهير حيدر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بندن تي پاڻي جي دٻاءَ سبب ڪو به خطرو نه آهي، ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار 24 ڪلاڪ نگراني ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سکر بيراج مان 7 لک 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذرندو، ڪوهه سليمان تي وڌيڪ برساتن سبب پاڻي ۾ اضافي جو خدشو آهي، ان جي باوجود اسان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ جي تياري ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته ڪچي جي علائقن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن ماڻهن جي علاج سان گڏ انهن جي چوپائي مال جي ويڪسينيشن پڻ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪچي جي علائقن مان متاثرن کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون درپيش اچي رهيون آهن، متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *