نشو وڪڻندڙن ۽ دهشتگردن ۾ رابطا ٽوڙڻ جو پڪو پهه، اسمگلرن ۽ ڊيلرن کي لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي(م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف نشو وڪڻندڙن ۽ دهشتگردن ۾ رابطا ٽوڙڻ توڙي نشي جو ڪاروبار ڪرڻ سان ڳنڍيل ماڻهن سان لوهي هٿن سان منهن ڏيڻ واري عزم جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آئي ايس پي آر مطابق جنرل راحيل شريف اڄ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي اي اين ايف جي ڊائريڪٽر جنرل نشي جي روڪٿام ۽ اداري جي ڪاررواين بابت کيس بريف ڪيو،ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته نشو پيدا ڪندڙ ۽ وڪڻندڙ قومي سلامتي لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته نشي جي اسمگلرن ۽ ڊيلرن کي مستبقل جي نسلن کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ کين لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو. آئي ايس پي آر مطابق جنرل راحيل شريف هلندڙ سال اي اين ايف پاران رڪارڊ منشيات ضبط ڪرڻ جي به ساراهه ڪئي، جنهن سان ملڪي ۽ عالمي سطح تي ان لعنت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *