آصف زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي اهم معاملن تي صلاح مشورن لاءِ دبئي گهرائي ورتو

ڪراچي(م.ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي اهم معاملن تي صلاح مشورن لاءِ دبئي گهرائي ورتو آهي،ذريعن مطابق آصف زرداري جي هدايت ملڻ کانپوءِ قائم علي شاهه دبئي روانو ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران سنڌ ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورتحال، صوبي ۾ امن امان ۽ حڪومتي ڪارڪردگي سوڌو اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، واضح رهي ته گذريل مهيني به سنڌ ڪابينا جو اجلاس آصف زرداري جي صدارت هيٺ دبئي ۾ ٿيو هو، جنهن دوران سنڌ ڪابينا ۾ وڏي ڦيرڦار ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *