جنهن جي دل چوي لانگ مارچ ڪري، آجيان لاءِ تيار آهيون، استعيفا ڏيڻ جو شوق به پورو ڪيو وڃي: شيخ رشيد

اسلام آباد  (اين اين آءِ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جنهن جي دل چاهي لانگ مارچ ڪري اسان ان جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ استيعفا جو شوق به پورو ڪيو وڃي مان چوان ٿو ته وزيراعظم پنج سال پورا ڪندو 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ٿيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد تقريب کي خطاب هن چيو ته ناشتي جي آجيان تي پنهنجي دل سان شڪر ادا ڪيان ٿو گهرو وزير چيو ته انشاءالله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ڊينمارڪ کي وزيراعظم پوليس لائين ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو ڪريڊٽ آهي ته پوليس کي پهريون ڀيرو عزت ملي رهي آهي هن ڇيو ته هڪ لک شناختي ڪارڊ روزانو جاري ٿيندا ۽ پهريون مفت، شيخ رشيد چيو ته سموريون چيڪ پوسٽون ختم ڪيون آهن 23 تي وزيراعظم فنڊ ڏيندو ته هو پوسٽون به ختم ڪندو هن چيو ته تمام تعلقه ۾ شناختي ڪارڊ آفيسون کوليون وينديون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آفيس کولينداسين. هن چيو ته 10 ملڪن ۾ شناختي ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان ملي شناختي ڪاروڊ ۽ پاسپورٽ موڪلينداسين. وفاقي وزير چيو ته اميگريشن نادره پاسپورٽ ايف آءِ اي سمورا ادارا قوم جي خدمت لاءِ هوندا. هن چيو ته قوم جي معاشي سياسي حالتن مان ڪڍي عمران خان قوم کي اڳتي آڻيندو. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت کي به بهتر ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *