پاڪستان نعمت ڪبري آهي ان جي هر لحاظ کان حفاظت قومي فرض آهي: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام جي امير ۽ پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان نعمت ڪبري آهي ان جي هر لحاظ کان حفاظت قومي فرض آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي هر قسم جي زهريلي جراثيم کان پاڪ ڪيو وڃي. عمراني حڪومت، قاديانيت، يهوديت ۽ مغربيت جي جراثيم جو مجموعو  آهي مون کان اڳ سهيد ڪراچي حڪيم سعيد 1992 ۾ پنهنجي خطاب ۾ لکي چڪو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن جامعه عثمانيه شيرشاه ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ قاري محمد عثمان جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. قاري محمد عثمان گذريل هڪ مهيني کان بيمار آهي. هاڻي الله حڪمت الله قاري صاحب تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير جي امير مولانا سعيد يوسف مولانا راشد محمود سومرو مولانا عبدالڪريم عابد، حاجي محمد طاهر، محمد اسلم غوري، ڊاڪٽر نصيرالدين سواتي ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ جامعه عثمانيه شيرشاه جا استاد موجود هئا. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿيندي ئي عمراني ٽولو دماغي توازن وڃائي چڪو آهي ڪڏهن نيب جي ڌمڪي ڏيئي رهيو آهي ته ڪڏهن پاڻ وانگر جعلي اثاثا ڳولي رهيوآهي هن چيو ته اسان نيب شيب جي نوٽيس کي جتي هيٺان رکندا آهيون اسان جي تاريخ شاهد عمراني ٽولو ۽ ان جو آقا وساري چڪو آهي اسان جو مثال اهو آهي ته نه ڇيڙ ملنگانون اسان اهي ناهيون جو اڄ اسان کي سمجهيو وڃي ٿو هاڻي ته اسان شروعات ڪئي آهي. هاڻي پي ڊي ايم ئي روشني جي ڪرن ها مولانا فضل الرحمان قاري عثمان کي چيو آهي ته هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي مڪمل پابندي سان عمل ڪري. هن چيو ته ڪرونا جي وڌندڙ لهر ۾ سهرين کي احتياطي تدابير تي عمل ڪرڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *