ملڪ خساري ۾ وڪٽوريا وارونظام نه هلي سگهندو، مون سميت سڀني جو بنا فرق احتساب ٿيڻ گهرجي: اعظم سواتي

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي ريلوي واري وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته ملڪ خساري ۾ آهي اهڙي طرح هتي وڪٽوريه وارو نظام نه هلندو اسان کي ريلوي ۾ تاريخي عمارتن جي نه صرف حفاظت پر ان مان آمدني به حاصل ڪرڻي آهي. حددخليون ۽ قبضن تي جيڪڏهن پي ٽي آءِ سياست ڪئي ته اهو ڪمرشل ادارو ٻڏي ويندو هاڻي صرف اها سياست هوندي ته ان اداري جو نقصان ڪهڙي طرح گهٽ ٿيندو ۽ اسان ان جي مالي معاملن ۾ ڪهڙي طرح توازن رکي سگهون ٿا. مان چوان ٿو ته ميڊيا نظر رکي پر مثبت شيون به ڏيکاري مان اها دعا ڪندس ته جنهن جنهن هن ملڪ کي لتيو آهي الله ان کي ان جي اولاد کي هتي رهڻ ۽ دولت نصيب نه ڪري. ان کي سڪون نه ملي. ايم اين ون، ايم ايل ٽو ۽ ايم ايل ٿري تي ڪم ڪندس. سينيٽ جون چونڊون آئين ۽ قانون مطابق ٿينديون اهي استيعفا ڏين منظور ڪري ڏيکاريندس ۽ ڊي چوڪ ۾ به 100 برياني ۽ مٽن جون ديڳون ورهائيندس اهڙن خيالن جو اظهار هن ريلوي ورڪشاپ مغل پوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي انصاف ويلفيئر ونگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جمشيد اقبال چيما سميت ٻيا به گڏ هئا. اعظم خان سواتي چيو ته اسان مزدورن جو معيار بلند ڪنداسين. جڏهن اسان جي مزدورن جو معيار بلند ٿيندو ۽ آفيسرن جي برابر اچي ويندو ان ڏينهن اسان ڪامياب ٿينداسين پنهنجو پهريون مقصد مزدورن کي رليف ڏيڻ آهي ان جي لاءِ نوان گهر ٺاهينداسين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد آهي اهي استيعفا ڏين اسان چونڊون ڪرائي ڏيکارينداسين. هن چيو ته منهنجي چهري تي مسڪراهٽ ڏسي ڇڏيو اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا ريلوي واري وزير ريلوي ورڪشاپ ڊويزن جو دورو ڪري مزدورن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان جا مسئلا ٻڌا ۽ هن چيو ته مزدورن کي رهائش جي سهولت ڏينداسين. مزدور ئي اسان جا آفيسر آهن. ريلوي واري وزير ان کان پوءِ ريلوي ورڪشاپ ڊويزن جي آفيسرن سان ورڪشاپ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ به ورتي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *