جنرل راحيل شريف جي دستاويزن ۾ رٽائرمنٽ جو ذڪر نه هجڻ ۽ جنرل ڪياني طرفان پينشن وٺڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جا دستاويز سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. دستاويز ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته قانون ۾ رٽائرمينٽ ۽ پينشن جو ذڪر نه هجڻ باوجود اڳوڻن آرمي چيف کي رٽائرمينٽ ملي رهي آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جو وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيا. عدالت اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن طلب ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس نوٽيفڪيشن به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ حڪم ڏنو ته جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جا به ڪاغذ پيش ڪريو، جنرل راحيل شريف رٽائر ٿيو ته سندس نوٽيفڪيشن ۾ ڪهڙا لفظ لکيل هئا، اُهي به پيش ڪيا وڃن. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جنرل ڪڏهن رٽائر نه ٿيندا آهن، جيڪڏهن رٽائر نه ٿيندا آهن ته پوءِ پينشن به نه ملندي هوندي. اٽارني جنرل انور منصور عدالت کي آگاهه ڪيو ته دستاويز ڪجهه دير ۾ پهچي ويندا. ٻڌڻيءَ دوران اٽارني جنرل طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان دستاويز پيش ڪيا. چيف جسٽس دستاويزن تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪٿي به نه لکيل آهي ته جنرل ڪياني جي ملازمت ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن قانون تحت واڌ ڪئي وئي، اُن جو به حوالو ڏيو. ٻڌنڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ايڏي اهم عهدي لاءِ ته ابهام نه هجڻ گهرجي، جنرل راحيل شريف کي به پينشن ملي رهي آهي. قاعدن ۾ به جنرل جي پينشن جو ذڪر ئي نه آهي. ملڪ تي حڪومت ڪندڙ اسان کي عزيز آهن، پر آئين ۽ قانون اسان کي سڀ کان مٿانهان آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *