اسلام آباد هاءَ ڪورٽ جا پابند ناهيون، مشرف ڪيس ۾ 5 ڊسمبر تي بيان ڏيڻ جو حۡڪم

اسلام آباد (م.ڊ) خصوصي عدالت اڳوڻي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اُها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ جي پابندي نه آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران خصوصي عدالت لکت ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 5 ڊسمبر تائين بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان پرويز مشرف جي بريت جي درخواست داخل ڪئي آهي، خصوصي عدالت پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر کي دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته اوهان رڳو سرڪاري وڪيل جي معاونت ڪري سگهي ٿا. ٻڌڻي دوران جسٽس وقار احمد سيٺ چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي نه ڳالهائينداسين، اسان رڳو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جا پابند آهيون، پرويز مشرف پنهنجو بيان ڪنهن به ڏينهن رڪارڊ ڪرائي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي هدايت ڪئي ته 5 ڊسمبر تي پراسيڪيوشن ٽيم پوري تياري سان پيش ٿئي، ان کانپوءِ التوا نه ڏينداسين. پرويز مشرف 5 ڊسمبر کان اڳ ڪنهن به ڏينهن تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو، واضح رهي ته خاص عدالت کي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائڻو هو. پر گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائڻ کان روڪڻ جي حڪومت جي درخواست منظور ڪندي خاص عدالت کي اڳوڻي صدر جي خلاف ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *