فوجي آفيسرز جي مقرري ۽ ملازمت جي واڌ جي حوالي سان آرمي ايڪٽ کي ورهين کان لڪائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته فوجي آفيسرز جي مقرري ۽ ملازمت جي واڌ جي حوالي سان آرمي ايڪٽ کي ورهين کان لڪايو ويو آهي. چيف جسٽس چيو آهي ته ڀارت سوڌو ٻين ملڪن ۾ آرمي چيف جو مُدو واضح آهي، آرمي ايڪٽ ۾ لکيل آهي ته غير واسطيدار ماڻهو نه پڙهي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران چيف جسٽس پُڇيو ته پاڪ فوج ۾ مقرري ۽ ملازمت جي مُدي ۾ توسيع جي حوالي سان آرمي جي قاعدن واري ڪتاب کي ڇو لڪائي رکيو ويو؟ هن ڪتاب تي لکيل آهي ته غير واسطيدار ماڻهو نٿو پڙهي سگهي. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڇو هن ڪتاب کي سيني سان لڳائي رکيو آهي، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ ته آرمي چيف جي مقرريءَ جو مُدو واضح آهي. هاڻي مامرو پهريون ڀيرو عدالت ۾ آيو آهي ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون پٽاندڙ ٿيڻ گهرجي، آرمي جي قاعدن واري ڪتاب تي لکيل آهي ته غير واسطيدار ماڻهو نه پڙهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *