جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪنهن به سازش جي حمايت نه ڪنداسين: بلاول

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آڏو اسيمبلي ميمبر پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي پاليسين ۽ رويي تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. اسيمبلي ميمبر جو چوڻ هو ته سڀ ٺيڪ آهي جي دعويٰ درست ناهي پارٽي ۾ ڪيترائي شڪايتي مسئلا ۽ تحفظات حل طلب آهن بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته جمهوريت کي ڊيل ريل ڪرڻ جي ڪنهن به قسم جي سازش جي حمايت نه ڪنداسين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جهن ۾ قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مراد علي شاهه سميت ٻين وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو پاران ڏنل مانجهاندي ۾ پ پ جي ناراض اسيمبلي ميمبرن به خاص طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته مخدوم جميل الزمان مانجهاندي ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن جي بدران رفيق مخدوم رفيق الزمان نمائندگي ڪئي ملاقات ۾ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ترقياتي اسڪيمن سميت پارٽِ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ آغا سراج دراني ۽ سيد قائم علي شاهه صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي عدم دلچسپي تي پارٽي چيئرمين آڏو شڪايتون ڪيون جهن تي بلاول ڀٽو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ميبرن کي هدايت ڪئي ته اسيمبلي اجلاس ۾ ضرور شامل ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلي ميمبرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ چونڊيل نمائندن جون کليل ڪچهريون ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو. ڪجهه اسيمبلي ميمبرن بلاول ڀٽو زرداري آڏو صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته سڀ ٺيڪ آهي واري دعوا درست ناهي صوبائي حڪومت ۽ پارٽِي اندر ڪجهه غلط فهميون ۽ تحفظات موجود آهن جيڪي جلد حل ڪيا وڃن جن کي ناراض ميمبرن جي مشاورت سان حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي عورتن ۽ اقليتن جي حقن بابت جيڪا قانونسازي ڪئي آهي اها تحسين جي لائق آهي. هن چيو ته پ پ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ان لاءِ جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪنهن به سازش جي حمايت نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *