وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ملاقات، ترقياتي رٿائون وقت سر پوريون ڪيو:نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان اسلام آباد ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته گلگت بلتستان ۾ ترقي لاءِ ميگا رٿائن تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ اهي رٿائون پوريون ٿيڻ سان صوبي جي معاشِي صورتحال بهتر ٿيندي، هن چيو ته ميگا پراجيڪٽس ذريعي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، عوام مسلم ليگ (ن) تي اعتماد ڪيو آهي ۽ حڪومت سندن زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙِي رهي آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت گلگلت بلتستان جي عوام جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي رهندي، اسان ماڻهن  کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، وزيراعظم ملاقات دوران حافظ حفيظ الرحمان کي صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائون وقت سر پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *