هنگو: 50 کان وڌيڪ افغان دهشتگردن جو فورسز جي چوڪي تي حملو ناڪام، 18 مارجي ويا

اسلام آباد/هنگو(اي پي پي) پاڪ افغان سرحد لڳ لوئر ڪرم ايجنسي جي علائقي منگوره سار ۾ فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي فورسز جي فائرنگ ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پوليٽيڪل ۽ ايف سي اختيارين اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهو واقعو خميس ڏينهن صبح جو سوير پيش آيو. سيڪيورٽي فورسز مطابق 50 کان 60 هٿياربند دهشتگردن افغانستان مان سرحد پار ڪري منگورا سار واري علائقي ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو پر چوڪي تي مقرر فوجي جوانن دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي کين واپس ٿيڻ تي مجبور ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگرد پنهنجا هٿيار ۽ بارود ڇڏي واپس سرحد پار ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز ماضي ۾ به سرحد پار کان ايندڙ دهشتگردن جا ڪيئي حملا ناڪام بڻايا آهن. ٻي پاسي هنگو ضلعي جي علائقي ٿاله ۽  تله ڊوبه ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 10 دهشتگردن ۽ 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس گرفتار جوابدارن جي قبضي مان منشيات ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا آهن. ٻئي طرف ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس خميس ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊيءَ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ ملڪ اندروني توڙي بيروني سلامتي جي صورتحال، فوج جي پيشيور معاملن، شوال سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردن خلاف جاري آپريشن سان گڏ مخالف ملڪن جي انٽيليجنس ايجنسين جي سرگرمين جي حوالي سان معاملن تي پڻ ويچاريو ويو. جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ مخالف ملڪن جي انٽيليجنس ايجنسين جي سرگرمين کي ڀرپور نموني روڪڻ جي عزم جو اظها رڪيو ويو جنهن سان ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين صورتحال تي هاڃيڪار اثر پئجي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *