جلد 10 کي ڳجهو رکڻ بدنيتي قرار، شريف خاندان جي آءِ ٽي کي جانبدار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم نواز شريف کي طلب ڪرڻ جي درخوست ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حڪومت جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي چئلينج ڪندي اها رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ پاناما ليڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شريف خاندان ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي آءِ جي رپورٽ خلاف اعتراض جمع ڪرايا ويا آهن. شريف خاندان پنهنجي اعتراضن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جي آءِ ٽي کي عدالت 13 سوالن جي جاچ جو حڪم ڏنو پر جي آءِ ٽي مئنڊيٽ اورانگهيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي ڌر هئي جنهن قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون آهن. شريف خاندان موقف اختيار ڪيو ته سندن درخواست منظور ڪندي جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رد ڪيو وڃي. ٻڌڻي جي باقاعده شروعات تي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري کي روسٽرم تي گهرايو ويو جنهن دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي قطري خط کي افسانو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته  جي آءِ ٽي چيو ته 2006ع جي ٽرسٽ ڊيڊ  ۾ استعمال ٿيل فونٽ متعارف ئي نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته جاچ دوران مريم نواز حقيقي سرٽيفڪيٽ پيش ئي نه ڪيو. نعيم بخاري چيو ته ٽرسٽي هئڻ لاءِ ضروري هو ته مريم نواز وٽ بيئرر سرٽيفڪيٽ هجي ها.هن چيو ته فرانزڪ ماهرن ٽرسٽ ڊيڊ جي فونٽ تي به اعتراض ڪيو آهي، بيئرر سرٽيفڪيٽ رد ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به قسم جي ٽرسٽ ڊيڊ ناهي. سندس چوڻ هو ته ٽرسٽي هئڻ لاءِ ضروري هو ته مريم نواز وٽ بيئرر سرٽيفڪيٽ هجن ها. نعيم بخاري چيو ته جي آءِ ٽي موجب قطر ۾ سيڙپڪاري لاءِ رقم موجود نه هئي،  گلف اسٽيل بابت شريف خاندان پنهنجو موقف ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته گلف اسٽيل 33 ملين درهم ۾ وڪرو نه ٿي، طارق شفيع جو بيان به جي آءِ ٽي غلط ثابت ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته الثاني خاندان کي 12 ملين جي حوالگي به ثابت نه ٿي آهي. نعيم بخاري چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي فيصلي ۾ قطري خاندان جو ذڪر ئي ناهي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف اسميبلي جي فلور ۽ قوم سان خطاب ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر ئي نه ڪيو. ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي سيٽلمينٽ جا اصل دستاويز سيل ٿيل آهن. جسٽس اعجاز افضل چيو ته کين قانون جي حدن ۾ رهي فيصلو ڪرڻو آهي.عدالت چيو ته شريف خاندان جي بيان جو جائزو شق 161 ضابطا فوجداري تحت ئي وٺي سگهجي ٿو.  هن چيو ته شهباز شريف جي آءِ ٽي سامهون شاهد طور پيش ٿيو، سندس بيان تضاد جي نشاندهي لاءِ ئي استعمال ٿي سگهي ٿو، سندس پوليس اڳيان بيان وانگر آهي. نعيم بخاري چيو ته نواز شريف سعودي عرب ۾ قائم عزيزيه اسٽيل ملز لڳائڻ لاءِ ڪابه سيڙپڪاري نه ڪئي، عزيزيه اسٽيل ملز ۾ حسين نواز اڪيلو نه پر ميان شريف ۽ رابعا شهباز به حصيدار هئا، ان جي وڪري جا دستاويز به پيش نه ڪيا ويا آهن پر جي آءِ ٽي قرار ڏنو ته عزيزيه مل 63 نه 42 ملين ريال ۾ وڪرو ڪئي وئي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ٻڌايو ته ايف زيڊ اي نالي ڪمپني نواز شريف جي آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته شريف خاندان وٽ آمدني کان وڌيڪ ذريعا آهن، نواز شريف جا اثاثا به سندس آمدني کان وڌيڪ ثابت ٿيا آهن، جنهن جو ذڪر جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ شامل آهي. نعيم بخاري دليل مڪمل ڪندي درخواست ڪئي ته آڏي پڇا لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي طلب ڪيو وڃي. جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف اسيمبلي ۾ تقرير ۽ قوم کي خطاب ۾ سچ نه ڳالهايو، سندس درخواست نواز شريف جي اسيمبليءَ ۾ تقرير جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته  نواز شريف جي آءِ ٽي ۾ چيو ته قطري سيڙپڪاري بابت ڄاڻ آهي پر ڪجهه ياد ناهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارشن تي ڪيتري حد تائين عمل ڪري سگهجي ٿو، هو پنهنجي ڪهڙن اختيارن کي ڪيتري حد تائين استعمال ڪري سگهن ٿا اهو ٻڌايو وڃي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز تي عمل ڇو ڪن، اهو توهان کي ٻڌائڻو آهي، هو جي آءِ ٽي جي فائنڊنگز جا پابند نه آهن. شيخ رشيد دليل چيو ته ٻارڙا نواز شريف جا آهن، حميد ڊينٽر جا نه آهن، جي آءِ ٽي ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ايماندار ماڻهن جي کوٽ ناهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ته وڌيڪ آف شور ڪمپنيون نڪتيون آهن. سندس چوڻ هو ته قوم جو نڪ وڍجي ويو ته وزيراعظم ٻي ملڪ ۾ نوڪري ڪندو آهي. شيخ رشيد چيو ته جنهن عمر ۾ سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿو ٺهي تنهن عمر ۾ شريف خاندان جا ٻارڙا ڪروڙين رپيه ڪمائي وٺن ٿا،  جي آءِ ٽي جي رپورٽ کانپوءِ ڪيس ۾ هاڻي ڇا رهجي ويو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي هڪ پٽ کي سعودي عرب ۽ ٻي کي وري لنڊن ۾ بي نامي رکيو ويو،  هر ڪيس پويان هڪ چهرو هوندو آهي،  هن ڪيس پويان نواز شريف جو چهرو آهي. سندس چوڻ هو ته گهڻن ماڻهن جي آءِ ٽي کي جن قرار ڏنو آهي، 60 ڏينهن اندر ته ٿاڻي مان چالان نه ايندو آهي، شريف خاندان جي وڪيل  خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي عدالتي حڪمن کان ڪافي اڳتي نڪري وئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته الزامن اهڙي نوعيت جا هئا جو جاچ ڪرائڻي پئجي وئي،  جي آءِ ٽي ٽرائل نه پئي ڪيو. جسٽس عظمت سعيد خواجه حارث سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي لفظن جي چونڊ احتياط سان ڪيو. خواجه حارث چيو ته جي آءِ ٽي عدالت جي ڪرڻ وارو ڪم ڪيو،  جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل دستاويزن کي شاهدي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته پنهنجا دليل اشوز تائين محدود رکو،  هو چاهين ٿا ته عدالت ۽ عوام جو وقت ضايع نه ٿي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *