جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ناهي، عدليه آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ناهي، عدليه آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ اشتهاري پاڪستاني عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته  بد نيتي تي ٻڌل جي آءِ ٽي به وزيراعظم مٿان هڪ الزام به نه هنيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن آئين ۽ قانون تحت جي آءِ ٽي اڃا تائين ڪم ڪري رهي آهي؟ مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي ٻولي مان خبر پئي ٿي ته اها بد نيتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ سندس خانداني ڪاروبار سان ڪرپشن جو ڪو به ڪيس جوڙي نه ٿو سگهجي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جلد 10 ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته  غير تصديق ٿيل دستاويزن بابت شاهدي ڪير ڏيندو؟  مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ شريف خاندان تصديق ٿيل دستاويز جمع ڪرايا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *