جلد سرزمين تان دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين، ميري اک سان ڏسندڙ جون اکيون ڪڍيون وينديون:نواز شريف/ممنون حسين

اسلام آباد (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 23 مارچ يوم پاڪستان ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21- 21 توپن جي سلامي سان صبح جي شروعات ڪئي وئي. يوم پاڪستان تي فجر جي نماز کان پوءِ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ اربع تي پاڪستان واري ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار فوجي پريڊ منعقد ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي جٿن شاندار فوجي پريڊ، جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جهازن شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. هٿياربند فوجن جي گڏيل پريڊ تقريب جو خاص مهمان صدر مملڪت ممنون حسين هو، جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف، بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، ايئر چيف مارشل سهيل امان، نيول چيف ايڊمرل ذڪاءُ الله کان علاوه پرڏيهي سفارتڪارن، نمائندن، هاءِ ڪمشنرن ۽ وفاقي توڙي صوبائي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر جيڪو تقريب جو خاص مهمان هو، جي آمد جو پگل وڄائي اعلان ڪيو ويو هو بگي ۾ سوار ٿي پريزيڊنٽ باڊي گارڊز سان گڏ تقريب ۾ پهتو. سلاميءَ جي چبوتري تي وزيراعظم محمد نواز شريف، بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف، جنرل راشد محمود، جنرل راحيل شريف، ايئر چيف سهيل امان، صدر مملڪت جي آجيان ڪئي جنهن بعد قومي ترانو وڄايو ويو. صدر پريڊ ڪمانڊر سان گڏ پريڊ جو معائنو ڪيو جنهن کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي جهازن شاندار فلائي پاسٽ ڪيو جنهن ۾ جي ايف 17 ٿنڊر ۽ ايف 16، معراج، پي ٿري سي اورين، ايف 7، پي جي 7، قراقرم، ايگل سميت مختلف جنگي جهازن حصو ورتو. پريڊ ۾ 12 نادرن لائيٽ انفينٽري، بحريه، فضائيه، فرنٽيئر ڪور، پاڪستان رينجرز پنجاب، پاڪستان پوليس، پاڪستان آرمي جي ليڊي آفيسر، گرلز گائيڊ ۽ اسڪائوٽس جي جٿن شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ جي جٿي پڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ پريڊ ڪندي صدر مملڪت کي سلامي ڏني. آرمڊ فورس جي جٿي جيڪو الخالد ٽينڪ، ٽي اي ٽي يو ڊي ٽينڪ، الزرار ٽينڪن تي ٻَڌل هو، آرٽلري جي بڪتربند، اي پي سيز، آرمي ايئر ڊفينڊ ميزائل ۽ ٽريڪنگ ريڊار سسٽم سان ليس ايف ايم 90 ڪور آف انجنيئرنگ، ڪور آف سنگل جي جٿن پڻ صدر کي سلامي ڏني. تقريب ۾ جديد ترين ميزائلن کان علاوه دفاعي سازو سامان جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو. نوجوانن، ٻارن، پوڙهن ۽ عورتن جي وڏي انگ پريڊ گرائونڊ ۽ آسپاس جي شهرين گهرن جي ڇتين تي بيهي فضائي مظاهرو ڏٺو، پريڊ تقريب جو هڪ ٻيو شاندار مظاهرو پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ، پاڪ بحريه ۽ فضائيه جي ڪمانڊوز جو 10 هزار فوٽن جي اونچائيءَ تان فري فال جپمپ جو مظاهرو هو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ٻارن قومي ۽ ملي گيت پيش ڪيا، صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف ٻارن ۾ رلي ملي ساڻن هٿ پڻ ملايا  صدر ممنون حسين يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄوڪو ڏينهن وطن عزيز جي تعمير ۽ ترقي جي عزم کي ورجائڻ وارو ڏينهن آهي. آزادي  واري تحريڪ جي عظيم اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. پاڪستان جو قيام جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، وطن عزيز جي ترقي ۽ استحڪام جو راز پڻ جمهوريت ۾ لڪل آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وطن عزيز کي اجتماعي ڪوششن سان عظيم رياست بڻائي سگهون ٿا. ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهيون. هن چيو ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. يوم پاڪستان جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊز جي تبديلي جون تقريبون پڻ ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *