ٻي طرف پ پ سينيٽر عاجز ڌامراه ، پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري ، ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر آغا عبدالرحيم ، پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو فوتي ٿي ويلن جي تڏي تي وڃي ساڻن ڏک ونڊيو ۽ اسپتالن ۾ وڃي داخل مريضن جي عيادت ڪئي .

ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ 55 ٿي ويو آهي. آءِ جي سنڌ به 45 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ملهه ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل علي نواز پنهور سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا ويا آهن. گذريل  اربع جي ڏينهن وڌيڪ 6 لاش ٽنڊو محمد خان آندا ويا ، فوتين ۾ ٽنڊو محمد خان جي ٻرڙا پاڙي جي ابراهيم ملاح ، ڪولاچي پاڙي جي عمران ڪولاچي ، چئنل موري جي مودو ڪولهي ،  سومرا پاڙي جي ٻن ڄڻن محرم ماڇي ، ممتاز شيدي ۽ ڀيمون ڪولهي جا لاش آندا ويا ، جڏهن ته سم نالي جا رهواسي اشرف خاصخيلي ۽ ساجد علي عرف سونيا کي زهريلو شراب پيئڻ سبب ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي،

زهريلو شراب واپرائڻ سبب مري ويلن جو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي جنهن ۾  پوليس ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم نه هنيا آهن صرف زهر ڏيئي مارڻ جا قلم ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن، مري ويلن جو ڪيس ايس اڇ او ٽنڊو محمد خان جي فرياد تي گناھ نمبر 29/2016 تحت قلم 316/337 جي پي سي موجب مک جوابدر ملهھ ايسوسيئشن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علي نواز پنهور ، حاڪم پنهور ، شوڪت پنهور ، عبدالرحمان ، سميت 3 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جي الزام ۾ سي آءِ اي ٽنڊو محمد خان جي اڳوڻي انچارج غلام شبير دلواڻي کي به شامل ڪيو ويو آهي سندس جو  نالو ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر پوليس ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي پر پوليس مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي 15 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن احتجاج جو سلسلو جاري آهي مڇريل ماڻهن ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مک جوابدار علي نواز پنهور جي بنگلي کي ڊاهي پٽ ڪري سامان کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.

سڀ شئي سامهون هجڻ باوجود به واقعي جو مک ذميوار زمين گهي وئي يا آسمان کائي ويو  جو پوليس کي اڃان تائين ان تائين پهچ نه ملي سگهي آهي، 50 کان مٿي گهر اجڙي وڃڻ باوجود انتظاميه پاران تحرڪ نه وٺڻ عجيب ڳالهه آهي اهڙن واقعن تي هميشه جيان انتظاميه ٺلهن ڪاميٽين ۽ جاچ جا بيان ڏئي پاڻ کي آجو ڪري ويهي رهيندي پر ائي ٿيڻ نه گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *