زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوتگيون جاري، انگ 42 ٿي ويو، ڪيترن جي حالت نازڪ

حيدرآباد/ٽنڊومحمد خان (نمائندن وٽان) ٽنڊو محمد خان ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب سول اسپتال ۾ داخل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن بعد هيل تائين فوتين جو انگ وڌي 42ٿي ويو آهي، مختلف اسپتالن ۾ داخل 16 ڄڻن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، فوتين مان 27 ڄڻن جا لاش دفنايا ويا آهن. ٽنڊو محمد خان جي ڪريم آباد پاڙي ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن بعد هيل تائين فوتين جو انگ وڌي 42 ٿي ويو آهي. حيدرآباد سول اسپتال ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوت ٿيل 42 ڄڻن مان 27 ڄڻن جا لاش ٽنڊو محمد خان جي مختلف علائقن ۾ دفنايا ويا، جنهن دوران ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته وڌيڪ لاشن جي مختلف علائقن ۾ تدفين ڪئي وئي. زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن ۾موتي، ناتيو، شير محمد، راڻو، لالجي، لالجي، اشوڪ، ريشمان، جئه رام، مانو، تلو، نٿو، ڀاڙو ميگهواڙ، چينو، خانجي ولد نيمڙو، بابو ولد شنڪر، پپو، فقيرو، ڪانجهي ولد ويرسن، شريمتي مونا ٻائو، راسين، شفيع، نرسنگ، محمد، وحيد ملاح، الله ڏنو ملاح، ميرو اوٺو، شوڪت اوٺو، بخش علي،فيمجي، شريمتي رواڙي، نارخان، رامو، نديم عالماڻي، اعجاز ، رفيق سولنگي شامل آهن. حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ 5 ۽ مختلف اسپتالن ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي داخل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.  ذريعن موجب، ڪچو شراب واپرائڻ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو پوليس جي خوف کان اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ بدران گهرن ۾ علاج ڪرائي رهيا آهن. ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتين جي وارثن ذميوارن  خلاف  حيدرآباد- بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ايڪسائيز کاتي جي نااهلي ڪري واقعو پيش آيو، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *