جعلي اڪائونٽس ڪيس: زرداري ۽ اومني گروپ ذميوار قرار، نوٽيس جاري، اومني جي ملڪيت منجمند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اومني گروپ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو،جڏهن ته اومني گروپ جون ملڪيتون منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي 28 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  لڳي ٿو ته اومني گروپ جي مالڪن جو غرور ختم نه ٿيو آهي، قوم جا اربين رپيه کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن، لڳي ٿو ته کين اڊيالا جيل مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  اومني گروپ ۽ آصف زرداري جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ عدالت جي ڪمري ۾ پروجيڪٽر لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري پروجيڪٽر تي هلائي ويندي. هن چيو ته لڳي ٿو ته اومني گروپ جي مالڪن جو غرور ختم نه ٿيو آهي، قوم جا اربين رپيه کائي ويا پوءِ به بدمعاشي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته لڳي ٿو ته کين اڊيالا جيل مان ڪٿي ٻي هنڌ منتقل ڪرڻو پوندو، انور مجيد سان هاڻي ڪو به رحم ناهي، توهان وڪيل آهيو توهان کي ٻڌنداسين پر فيصلو اسان کي ئي ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ پروجيڪٽر تي هلائي وئي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلاول فيملي جو هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ مهيني جو خرچ ڪمپنين ادا ڪيو، ڪراچي، لاهور جي بلاول هائوسز جي اڏاوت لاءِ جعلي اڪائونٽس مان به رقم منتقل ڪئي وئي.  جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته  زرداري گروپ 53 ڏهائي 4 ملين جا قرض حاصل ڪيا، بلاول هائوس جي ايراضي زرداري گروپ جي نالي تي آهي، اومني گروپ مان زرداري گروپ جا ذاتي خرچ به ادا ڪيا ويا.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو اهو پاڪستان ناهي جو پهريون هو، جتي سرڪاري زمين جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي، زرداري ۽ بلاول جي جي گهر جا خرچ به انهن ڪمپنين هلايا، جيڪڏهن ايراضي گفٽ ڪئي وئي ته پئسا ڇو ادا ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪو پيمپر آهي ته ان سان گڏ ئي ويندو، سندن ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جو بل به ڪو ٻيو ڏيندو هو.  چيف جسٽس اومني گروپ جي ملڪيتن کي منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي 28 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *