اسان ته پٿر جا ماڻهو آهيو اِهو ڏک به سهي وينداسين: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف نيب ڪيس ۾ سزا ٿيڻ بعد چيو آهي ته اسان ته پٿر جا ماڻهو آهيون اِهو ڏک به سهي وينداسين. احتساب عدالت نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي ڏيڍ ملين برطانوي پائونڊ ۽ 25 ملين ڊالر (ساڍا 3 ارب رپيا) ڏنڊ به مڙهي ڇڏيو، پر ٻي ريفرنس فليگ شپ ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف نيب ريفرنس ۾ سزا ٿيڻ بعد عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ته پٿر جا ماڻهو آهيون اُهو ڏک به سهي وينداسين. نواز شريف چيو ته بيگم ڪلثوم جي لاڏاڻي تي هن وقت تائين مريم ۽ منهنجي ماءُ صدمي ۾ آهي، ڌيءَ مريم به اڄ فيصلو ٻڌڻ جي لاءِ مون سان گڏ عدالت اچڻ پئي چاهيو پر مون پاڻ هن کي منع ڪيو ۽ ناني سان گڏ رهڻ جو چيو. مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته حوصلو ڏيندڙ الله هوندو آهي ۽ اسان هن ڏکئي وقت ۾ حوصلو ناهي ڇڏڻو پر صبر ڪرڻو آهي. هن چيو ته ننڍي ڌيءَ به انگلينڊ مان اچڻ پئي چاهيو پر هن کي منع ڪيو. عدالتي فيصلي کان اڳ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن نواز شريف سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي نواز شريف جو چوڻ هو ته مون کي ڪنهن قسم جو خوف ناهي، ايمانداري سان ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪئي، ڪرپشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال به ناهي ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *