نواز شريف کي 7 سال قيد، ڏيڍ ارب ڏنڊ، عدالت مان گرفتار، ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حۡڪم

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ آزاد ڪندي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ اڍائي ڊالر ۽ 15 لک برطانوي پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعطم نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ عدالت مان گرفتار ڪيو ويو سومر تي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ريفرنسز تي فيصلو ٻڌايو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاڻ عدالت ۾ فيصلو ٻڌو ان موقعي تي سندس ڀائٽو حمزه شهبازشريف ۽ ٻيا ليگي اڳواڻ به موجود هئا 19 ڊسمبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته اڻپورن ثبوتن جي بنياد تي محمد نوازشريف کي فليگ شپ انسويٽمينٽ ريفرنس ۾ آزاد ڪيو وڃي ٿو فيصلي ۾ چيو ويو ته نوازشريف پاران العزيزيه ۾ مني ٽريل ناهي ڏني ويئي ۽ هن ريفرنس ۾ ڪافي ثبوت موجود آهن تنهنڪري نوازسريف کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي ذريعن موجب عدالتي فيصلي ۾ اڍائي ڪروڙ ڊالر ۽ 15 لک برطانوي پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويئي آهي عدالتي فيصلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا فيصلي کان پوءِ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزرياعظم نوازشريف کي عدالت مان ئي گرفتار ڪيو ويو عدالتي فيصلي جي موقعي تي نوازشريف جي وڪيل خواجه حارث کيس اڍيالا جيل بدران لاهور جيل منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪئي خواجه حارث چيو ته نوازشريف دل جو مريض آهي ۽ ان جا ڊاڪٽر لاهور ۾ آهن جنهن تي جج ارشد ملڪ ريمارڪس ڏنا ته نوازضريف جي درخواست تي فيصلو ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي ڏيندو جنهن کان پوءِ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ هدايت ڪئي ته محمد نوازشريف کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو وڃي ان کان اڳ العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو فيصلو ٻڌڻ لاءِ محمد نوازشريف احتساب عدالت پهتو هو جتي ان سان گڏ حمزه شهبازشريف ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي احتساب عدالت جي ٻاهر ڪارڪنن جي پيهه ڏٺي ويئي پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ ائي جنهن تي پوليس پاران ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ جي شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي ويئي جڏهن ته ليگي ڪارڪنن به پوليس مٿان مپٿراءُ ڪيو ذريعن موجب عدالت ۾ پيشي کان اڳ نوازشريف فارم هائوس جو دورو جتي وڪيل خواجه حارث ۽ حمزه شهباز ان سان ملاقات ڪئي ٻئي پاسي فيصلي کي نظر ۾ رکي احتساب عدالت جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا رينجرز پوليس ڪمانڊوز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر هئا جڏهن ته رجسٽرار جي اجازت کان علاوه ڪنهن کي عدالت جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويئي اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو رهيو اسلام آباد ۽ راولپنڊي انتظاميه مختلف اندريان رستا بند ڪري ڇڏيا هئا ٻئي پاسي عدالتي فيصلي کان اڳ ئي سينيئر سياستدان جاويد هاشمي، مريم اورنگزيب ۽ ٻين ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ نوازسشريف سان ٻڌي جي اظهار لاءِ عدالت پهتو اڳوڻي وزيراعظم جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ان کان سواءِ عباس آفريدي جي فارم هائوس تي اڳوني وزيراعظم نوازشريف جي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻن سان غير رسمي ملاقات دوران مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ان موقعي تي نوازشريف چيو ته مون کي ڪوبه ڊپ نه آهي ڪوبه غلط ڪم ناهي ڪيو جنهن تي ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوي منهنجو ضمير مطمئن آهي نوازشريف چيو ته هميشه ايمانداري سان ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي هن ڪيس ۾ ڪجهه به نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *