جسٽس جواد ايس خواجا چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (اي پي پي) جسٽس جواد ايس خواجا سومر تي نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کنيو. صدر ممنون حسين ان کي حلف کڻايو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري جي تقريب سومر تي صبح جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم، وفاقي وزيرن، اسحاق ڊار، پرويز رشيد، ججن، سينيٽ چيئرمين، پارليامينٽ ميمبرن، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ۽ وزيراعظم عهدو سنڀالڻ تي نئين چيف جسٽس کي مبارڪ ڏني. جسٽس جواد ايس خواجا جسٽس ناصر الملڪ جي رٽائرمينٽ جي نتيجي ۾ نئون چيف جسٽس بڻيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *