خورشيد شاهه جو وزيراعظم نواز شريف سان رابطو، اٽڪ سانحي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف سان رابطو ڪري اٽڪ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته شجاع خانزاده ۽ ٻين جي شهادت قومي سانحو آهي، مستقبل ۾ اهڙي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف کي فون ڪري اٽڪ ۾ ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده  جي اوطاق تي آپگهاتي حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين تي ڏکيو وقت آهي، حڪومت سندن هر ممڪن مدد ڪري. خورشيد شاهه چيو ته اٽڪ آپگهاتي حملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، شجاع خانزاده ۽ ٻين جي شهادت قومي سانحو آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن کان بچڻ لاءِ جامع سڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت متاثرن سان ڏکي وقت ۾ گڏ آهي، زخمين کي بهتر کان بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *