آمريڪا پاران ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده تي حملي جي مذمت، اٽڪ آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ

اسلام آباد (بيورو) آمريڪا، ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده تي حملي جي مذمت ڪندي اٽڪ آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي، آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون. آمريڪي سفارتخاني جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا اٽڪ حملي ۾شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک ۾برابر جو شريڪ آهي. آمريڪي سفارتخاني چيو ته اٽڪ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ پاڪستان سان سهڪار لاءِ تيار آهيون، ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده تي حملو مذمت جوڳو عمل آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا برداشت جوڳو نه آهن، آمريڪي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *