تحريڪ انصاف حڪومت نه صرف عوام پر پنهنجي اتحادين سان ڪيل وعدن کي به وساري ڇڏيو آهي: سعيد غني

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني آچر ڏينهن متحده قومي موومينٽ جي ليڊر خالد مقبول صديقي پاران وفاقي ڪابينه جي استعيفيٰ ڏيڻ جي فيصلي کي ڀليڪار چوندي چيو ته هن کي هي فيصلو پهريان ڪرڻ گهرجي ها. سعيد غني چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت نه صرف عوام سان ڪيل وعدا پورا نه ڪيا پر هنن پنهنجي اتحادين سان ڪيل وعدن کي وساري ڇڏيو آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير واضح ڪيو ته متحده قومي موومينٽ پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي چوڻ تي وفاقي ڪابينه کي نه ڇڏيو پر اهو هن جو پنهنجو فيصلو هو. هن چيو ته هي فيصلو خود وفاقي حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي ته هو سنڌ حڪومت جو حصو بڻجڻ چاهن ٿا يا نه. سعيد غني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هي ڳالهه هرهر دهرائي آهي ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب عوام پريشان آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڪيل پنهنجن وعدن مان هڪ به وعدو پورو نه ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ مختص ڪيل 162 ارب روپين مان هڪ روپيو به نه ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. سعيد غني جو چوڻ هو ته جيستائين تحريڪ انصاف جي حڪومت رهندي ايستائين ڪنهن سٺي ڪم يا خوشخبري جي اميد رکڻ بيڪار آهي. ان کان علاوه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 هين سالگرهه جي حوالي سان منعقد ٿيل هڪ تقريب سان خطاب ڪندي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ شخصيت جو نه پر هڪ تحريڪ ۽ نظريي جو نالو آهي. سعيد غني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجو ڪارنامو هو جنهن هن ملڪ کي حقيقي جمهوريت ۽ هڪ متفقه آئين ڏنو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بيشڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بيشڪ شهيد ڪيو ويو پر هو هن ملڪ جي هر غريب ۽ عام انسان جي دل ۾ هميشه زنده رهندي. هن چيو ته هن جو ڏوهه صرف هي هو ته هن سامراجي قوتن کي للڪاريو. سعيد غني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي زندگي عوام مان نا اميدي، غربت ۽ محرومي ختم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته اڄ پهريان کان به وڌيڪ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقش قدم هلي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو وڃي. ان کان پوءِ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني پارٽي جي ٻين رهنمائن ۽ جيالن سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *