جج ارشد ملڪ وڊيو ڪيس: آزاد ماڻهو پاڻ ڪم ڪندا آهن ڪنهن جي چوڻ تي نه: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان احتساب عدالت اسلام آباد نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ جي مبينه تڪراري وڊيو ڪيس بابت درخواستن جي ٻڌڻي کان پوءِ اٽارني جنرل انور منصور خان کان هن معاملي تي تجويزون طلب ڪري ورتون جڏهن ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته معاملي ۾ غير معمولي ڳالهيون به آهن ان ڳالهه سان مڪمل اتفاق آهي معاملي کي ڏسڻ جي ضرورت آهي اسان آڏو مسئلو ٻيو آهي ته معاملو ڪنهن کي ۽ ڪڏهن ڏسڻ گهرجي هي معاملو پهريان ئي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي اصل معاملو عدليه جي ساک آهي ماڻهن کي عدليه تي اعتماد نه هوندو ته انصاف ڪيئن ٿيندو بنيادي مسئلو ئي عدليه جي اعتماد جو آهي جيڪڏهن ڪنهن توهين ڪئي آهي ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بئنچ وڪيل اشتياق احمد مرزا پاران پنهنجي وڪيل چوڌري منير صادق جي ذريعي داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ معاملي جي حقيقتن جي مڪمل جاچ لاءِ ايڊووڪيٽ سهيل اختر پاران پنهنجي وڪيل محمد اڪرام چوڌري جي مدد سان داخل درخواست جڏهن ته ايڊووڪيٽ طارق اسد پاران خود داخل ڪيل ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي جي موقعي تي محمود خان اچڪزئي طارق فضل چوڌري، جاويد هاشمي، ۽ رفيق رجوانا به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس چيو ته پهريان اشتياق مرزا جي وڪيل کي ٻڌون ٿا درخواست گذار اشتياق مرزا جي وڪيل منير صادق دليل ڏيندي چيو ته مريم نواز 6 جولاءِ تي پريس ڪانفرنس ڪئي پريس ڪانفرنس ۾ جج ارشد ملڪ تي سنگين الزام مڙهيا ويا چيف جسٽس چيو ته هي ميڊيا بريفنگ ڪٿي ٿي وڪيل جواب ڏنو ته ميڊيا بريفنگ لاهور ۾ ٿي هن چيو ته وڊيو ليڪس اسڪينڊل جي ذريعي عدالت تي سوال اٿاريا ويا هي عدليه جي آزادي ۽ وقار جي حوالي سان هڪ اهم ۽ حساس معاملو آهي تنهنڪري عدالت هن معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن جو تعين ڪري درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هي ڪيس عام مفاد جو آهي مريم نواز 6 جولا3 تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. جنهن ۾ ڪجهه الزام مڙهيا ويا جنهن ۾ چيو ويو ته عدليه دٻاءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي وڪيل چيو ته هي سنگين الزام آهن ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي ان تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڇا ٿا چاهيو جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مان سچ جي تلاش چاهيان ٿو هن چيوت ه پاڪستان جون سموريون سياسي جماعتون ۽ وڪيلن وڊيو اسڪينڊل جي جاچ جي گهر ڪئي ۽ چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ چيو تنهنڪري هڪ ڪميشن ٺاهيو وڃي بيشڪ هي ڪميشن هڪ رڪني ڇو نه هجي وڪيل جي جواب تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هن ڪميشن جو سربراهه ڪير آهي جنهن تي وڪيل چيو ته جج ڪميشن جو سربراهه هجي ان تي چيف جسٽس چيو ته ڪجهه اهڙو ڪلچر ٿي ويو آهي جو هڪ جي خراب ٿيڻ تي سڀني کي ايئن سمجهيو وڃي ٿو چيو وڃي ٿو ته سڀ جج اهڙا آهن سڀ سياسدان اهڙا آهن چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اهو ٻڌايو ته ڪميشن ڇا ڏسي ان تي وڪيل چيو ته ڪميشن سچائي کي ڏسي ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿئي ته ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت جي جج حلفي بيان جي ذريعي ڪجهه حقيقتون بيان ڪيون جڏهن ته وزيراعطم عمران خان ان معاملي تي عدليه کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي هن چيو ته پ پ پ ۽ امير جماعت اسلامي به عدليه کان هن معاملي جي جاچ جي گهر ڪئي سياسي جماعتن جو موقف آهي ته عدليه جاچ ڪري ان کان سواءِ پاڪستان بار ڪائونسل به اهو ئي مطالبو ورجايو وڪيل جي دليل تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماڻهن جي چوڻ تي ڪو ڪم ڪنداسين ته ڇا اسان آزاد ٿيندا پاڻمرادو نوٽيس ڪنهن جي مطالبي تي وٺون ته پوءِ اهو پاڻمرادو نوٽيس نه ٿيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن کان انسان پيدا ٿيو آهي سچ جي ڳولا جاري آهي جيڪڏهن سچ ڳولڻو آهي ته پوءِ جن ججن مرڪزي اپيل ٻڌي اهي اهي ڇا ڪندا. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ڪوئي فيصلو ڏنو ته هاءِ ڪورٽ پابند ٿي ويندي پوءِ هاءِ ڪورٽ ڪيئن ڪارروائي ڪندي ان تي وڪيل صفائي چيو ته فيصلو سپريم ڪورٽ جو نه پر ڪميشن جي فائڊنگ تي هجي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مان اوهان کي انهيءَ طرف وٺي اچڻ چاهيون پئي ڪميشن جي فائڊنگ تي ڪائي عدالت نوٽيس نٿي وٺي سگهي. وڪيل چيو ته ارشد ملڪ جو طريقيڪار اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته هو بدعنوان ڪمن ۾ ملوث رهيو آهي هڪ پرڏيهي فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو جج جي تعصب ۾ ٻيهر ٽرائيل ٿيندو هن چيوت ه ٽي وي چينل تي اهڙي قسم جا ٽاڪ شوز هوندا آهن مان ڪمري کان ٻاهر هليو ويندو آهيان ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪمرو ڇڏڻ بدران هڪ بٽڻ هوندو آهي ان کي دٻائي ٽي وي بند ڪندا ڪريو چيف جسٽس جو ان ريمارڪس تي عدالت جي ڪمري ۾ ٽهڪ ٻڌا ويا ٻڌڻي دوران درخواست گذار سپريم ڪورٽ جي جج تي ٻڌل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ان تي عدالت چيو ته حڪومت کي به ڪميشن ٺاهڻ جو اختيار آهي. پر اوهان چئي رهيا آيو ته عدليه ڪميشن بڻائي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته احتساب عدالت جو جج لاهور هاءِ ڪورٽ جي ماتحت هو وفاقي حڪومت ڊيپوٽيشن تي ان جي مقرري ڪئي جڏهن ته هي وڊيو جو معاملو آهي فورم ڪهڙو هوندو هن چيو ته ٻيون ڳالهيون عوامي ڳالهيون آهن ڪنهن جي وڊيو ڪيئن ٺاهيون ڪيئن عوام آڏو آئي ان کي ڏسڻو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن سڀ ڪجهه سپريم ڪورٽ ڪري ٿي ته اعتراض ٿئي ٿو پر جڏهن اسان هٿ ڪڍون ٿا ته سپريم ڪورٽ ڪري اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي معاملو ۾ ڪٿي هٿ وجهڻو آهي ڪٿي نه هن چيو ته جج جي مس ڪنڊڪٽ کي به ڏسڻو آهي اسان کي ڏسڻو آهي ته ڪٿي مداخلت ڪرڻي آهي جلد اسان ڪجهه شيون طئي ڪنداسين ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته وڊيو درست يا ناهي ان ڳالهه جو يقين ٿيڻ گهرجي هن چيو ته وڊيو ۽ آڊيو جي قابل قبول هجڻ جا ڪيترائي پهلو ڏسڻا هوندا آهن ان ۾ ڪيترا ماڻهو ملوث آهن چيف جسٽس چيو ته جج صاحب جي مس ڪنڊڪٽ جو معاملو به آهي توهين عدالت جو معاملو فراموش نٿو ڪري سگهجي چيف جسٽس چيو ته سڀ ڪجهه اسان مٿان وڌو ويو هن چيو ته جڏهن اسان ڪجهه ڪريون ٿا ته چون ٿا سپريم ڪورٽ ۾ هي ڪري ڇڏيو هاڻي اسان هٿ روڪي ڇڏيو ته سپريم ڪورٽ ئي ڪجهه ڪري چيف جسٽس چيو ته ڇيو ويو ته فيصلي کان اڳ جج تي دٻاءُوڌو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته فيصلي کان پوءِ به دٻاءُ وڌو ويو سمورا پهلو اسان ڏسنداسين جنهن کان عدالت هن معاملي تي اٽارني جنرل کان تجويزون طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *