اين آر او نه گهرنداسين: ن ليگ ملڪ گير احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/لاهور (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته احتجاجي ريلين ۾ نوازشريف جي لاءِ انصاف، قانون جي حڪمراني گهرنديس، راءِ جي اظهار جي آزادي، چونڊيل ماڻهن کي سزائوپن ڏيڻ لاءِ سسٽم جي غلط استعمال جي روڪڻ جي گهر ڪنديس مريم نواز چيو ته قوم جو مينڊيٽ چورائڻ، سليڪٽڊ کي لڳائڻ خلاف آواز اٿارينديس جيڪو آزاد، جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل پاڪستان ۾ رهڻ چاهيندو هجي اهو منهنجو ساٿ ڏي هي وطن امانت آهي. ٻئي طرف (ن) ليگ جي پارليماني ليڊر خواجه محمد آصف قومي اسيمبلي ۾ صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته سندس جماعت اين آر او نه گهرندي عزت ۽ وقار سان جنگ وڙهندي اسان تاريخ مان سبق نٿا سگهون نوازشريف جو نالو ختم ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويندا. ڀٽو جو نالو اڄ به زنده آهي ۽ نوازشريف جو نالو به هميشه لاءِ زنده رهندو جج جي وڊيو آئي، جج واپس هليو ويو معاملو عدالت ۾ آئي فيصلي جي ڪائي حيثيت ناهي رهي پر نوازشريف اڄ به جيل ۾ آهي اسان کي عدالتن کان انصاف ملندو رانا ثناءَالله جي خلاف داخل ايف آءِ آر کل جوڳي آهي ماضي ۾ هڪ اسيمبلي ميمبر تي مينهن جي چوري جو ڪيس اسان جي سياست ۾ مثال بڻجي چڪو آهي انتقامي ڪارروايون موجوده حڪومت جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي اسان ته مشرف جي دور ۾ به جيل ڀوڳيا مان ايوان ۾ آيان مشرف ڪٿي آهي سعد رفيق سميت سڀ جيڪي جيل ۾ هوندا. جيل جون سزائون ڀوڳي وٺنداسين معاشي بحران کان ڌيان هٽائڻ لاءِ شهبازشريف کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي جيڪي به فيصلا ٿيندا رهن پر آخري فيصلو خلق خدا جو هوندو اڱاري تي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران خواجه آصف جذباتي انداز ۾ تقرير ڪئي ۽ پنهنجي حريف تي تنقيد جا تير وسايا خواجه آصف چيو ته اسان تاريخ مان سبق نٿا وسکون نوازشريف جو نالو ختم ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويندا ليگي اڳواڻ چيو ته ڀٽو جو نالو اڄ به زنده آهي ۽ نوازشريف جو نالو به هميشه زنده رهندو خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته ان جي جماعت اين آر او نه گهرندي عزت ۽ وقار سان جنگ وڙهندي. هن چيو ته نوازشريف تي ڪرپشن جو الزام ناهي ان جي خلاف ڪيس عدالتن ۾ آهي ايوان کي چوان ٿو ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪريو هن چيو ته جج جي وڊيو آئي معاملو عدالت ۾ آهي ڪيس جي ڪائي حيثيت ناهي رهي پر نوازشريف اڄ به جيل ۾ آهي اسان کي عدالتن مان انصاف ملندو. هن چيو ته سعد رفيق سميت جيڪي قيد ۾ هوندا سڀ قيد ڪٽي وٺندا هن چيو ته رانا ثناءُالله جي خلاف داخل ايف آءِ آر کل جوڳي آهي هن چيو ته رانا ثناءُالله تي الزام ته 20 ڪلو هيروئن هن پوئتي ٿي کڻي ڏني هي اهو ئي ڪيس آهي جيئن چوڌري ظهور الاهي تي مينهن جي چوري جو ڪيس داخل ٿيو ماضي ۾ هڪ اسيمبلي ميمبر تي مينهن چوري جو ڪيس اسان جي سياست ۾ مثال بڻجي چڪو آهي. خواجه آصف چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جا ملازمن پاڪستان اچن ٿا ۽ ٻيڙو ٻوڙي هليا وڃن ٿا هن چيو ته نان اليڪٽيڊ ماڻهن اليڪٽيڊ ماڻهن جي توهين ڪرائي وڃي ٿي هڪ ڏينهن مملڪتي وزير کي وفاقي وزير بڻايو ٻئي ڏينهن نان اليڪٽيڊ جي دٻاءَ تي واپس ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *