خان صاحب شڪست جو اعتراف ڪري قوم کان معافي وٺي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (16 جولاءِ  2019 ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته خان صاحب جي عوام دشمن پاليسين سان 22 ڪروڙ عوام جو استحصال ٿي رهيو آهي حڪومت جي معاشي پاليسي جي ناڪامي جو اعتراف اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي مهانگائي ۾ اضافو ۽ معاشي بدحالي حڪومت جي پاليسين ڪري آهي. اسٽيٽ بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي غريب عوام جون معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون ان لاءِ خان صاحب پنهنجي شڪست جو اعتراف ڪري ۽ قوم کان معافي وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ چوي ٿي ٻاهرين سيڙپڪاري  اڌو اڌ گهٽجي وئي آهي واپار جا هدف پورا نه ٿي سگهيا ٻاهرين سيڙپڪاري ۽ ايڪسپورٽ وڌڻ بجائي خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهي آهي.ملڪ کي مٽا سٽا واري ناڻي جي ضرورت آهي اسٽيت بينڪ جي رپورٽ چوي ٿي ايندڙ سال تائين بهتري جي اميد ناهي هن چيو ته معيشيت نه هلندي ته روزگار ڪيئن ملندو ڪاروباري طبقو هڙتال تي آهي ڪارخانه نه پيا هلن انڪري غريب بکيو ۽ بيروزگار ٿيندو هن چيو ته خان صاحب انڪري مطمئن آهي ڇا ڪاڻ ته ان جا خرچ ٻيا برداشت ڪري رهيا آهن خان صاحب کي ٻارن جي تعليم جي فڪر آهي نه ٻين خرچن جي پرواهه آهي. اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته خان صاحب هڪ ٻيو يو ٽرن ورتو آهي خان صاحب ۽ ان جي حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه تي يقين ڪجي چونڊن کان اڳ پنجاهه لک گهر ٺاهڻ جا دعوا ڪندو هو هاڻي چوي ٿو ڏيڍ سال ۾ ڏهه هزار گهر بنائينداسين. خان صاحب وڏا خوبصورت خواب ڏيکاريا هئا. هاڻي جيڪڏهن غلطي تسليم ڪري ته حالتون بهتر ٿي سگهن خان صاحب ڪو اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهن تي کين انعام ملي البت غريب کان ڦر لٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي بيرزگار دوستن کي روزگار ڏيڻ تي هن کي انعام ضرور ملڻ کپي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڃي رهيو آهي هو مهانگائي خلاف ريليون ڪڍي رهيو آهي هن چونڊ ضابطي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي پر گهوٽڪي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جو مخالف اميدوار قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پيپلزپارٽي شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن تي يقين رکندي آهي اطلاعات واري صلاحڪار شيخ رشيد جي بيان تي مذمت ڪندي چيو ته هڪٻئي پٺيان ٽرين حادثن ۾ انساني جانين جي نقصان تي شيخ رشيد جو ضمير ملامت ناهي ڪندو شيخ رشيد جي اهڙي ضمير تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي ريلوي کي زمين سنڌ حڪومت ڏني آهي ريلوي واري زمين شيخ رشيد جي ذاتي ملڪيت ناهي هن چيو ته سنڌ حڪومت کي هائوسنگ منصوبي جي تفصيل شيئر ناهي ڪئي وئي سنڌ جو گورنر جواب ڏئي ته ڪٿي ڪيئن گهر بڻجي رهيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خان صاحب ۽ صوبائي حڪومت جا وزير چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ پرائيوٽ جيٽ ۾ گهمي رهيا آهن هڪٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خبر ناهي وزيراعظم پنهنجي آمريڪا واري دوري تي عافيه صديقي جي معاملي تي ڳالهائيندو يا نه آخر ۾ هن وادي نيلم ۾ قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار وادي نيلم ۾ رليف آپريشن وڌيڪ تيز ڪري

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *