جانچ تائين اين اي 125 ۾ چونڊ نه ڪرائي وڃي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن اين اي 125 جي آر اوز سان پڇي ته ڪنهن جي چوڻ تي ڌانڌلي ڪرائي وئي؟ هن چيو ته بهتر جمهوري مستقبل لاءِ شفاف چونڊون ضروري آهن. لاهور جي تڪ اين اي 125 جو فيصلو اچڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنسڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته 126 ڏينهن ڌرڻو نه ڏيون ها ته اڄ فيصلو نه اچي ها. ڌرڻي سبب سچ ماڻهون آڏو آيو آهي. جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ 2015ع چونڊن جو سال هوندو. عمران خان مطالبو ڪيو ته جوڊيشل ڪميشن اين اي 125 جي آر اوز کي گهرائي پڇي ته انهن ڪنهن جي چوڻ تي ڌانڌلي ڪرائي؟ جانچ تائين اين اي 125 ۾ ٻيهر چونڊ نه ڪرائي وڃي ڇو ته ذميوارن کي سزا ڏيڻ کانسواءِ اليڪشن جو ڪوبه فائدو نه آهي. هن چيو ته غلط اليڪشن کٽندر شخص 2 سالن تائين وفاقي وزير ريلوي جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. خواجه سعد رفيق چوي ٿو ته سندس ڪوبه قصور ناهي. اُن کي گذارش آهي ته هاڻي ته عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏي. ٽربيونل جي جج جو اُهو ڪم ناهي ته هو ٻڌائي ته ڌانڌلي ڪنهن ڪئي. جوڊيشل ڪميشن ٻڌائي ته منظم ڌانڌلي ڪنهن ڪئي. عمران خان الزام هنيو ته اين اي 122 جي رپورٽ روڪڻ لاءِ نادرا تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. چيئرمين نادرا ٻڌائي ته رپورٽس ڇو روڪيون ويون آهن؟ نادرا هن هفتي رزلٽ نه ڏنو ته پاڻ چيئرمين نادرا وٽ ويندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *