ڪراچي: واٽر ٽينڪر 7 ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو،3 فوت، 4 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نادرن باءِ پاس وٽ واٽر ٽينڪر مدرسي مان گهر ويندڙ 7 معصوم ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن سبب 3 ٻارڙا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، نادرن باءِ پاس خيرآباد هوٽل ويجهو تيز رفتار واٽر ٽينڪر مدرسي مان گهر واپس ويندڙ ستن معصوم ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن ۾ پنجن سالن جي حريرا، ڇهن سالن جي عظيم سميت ٽي ٻارڙا فوت ۽ چار ٻارڙا سخت زخمي ٿيا، ٻه فوتي ٻارڙن کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو جڏهن ته ٻين ٻارڙن کي ويجهي اسپتال پهچايو ويو آهي واقعي کانپوءِ عورتن ۽ ٻارڙن جي گهرڀاتين احتجاج ڪندي نادرن باءِ پاس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واٽر ٽينڪر جو ڪلينر ۽ ڊرائيور گاڏي ڇڏي

فرار ٿي ويا آهن ۽ انهن جي ڳولا جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *