يو اي اي سان قيدين جي آزادي تي ڳالهيون جاري آهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سان قيدين جي آزادي بابت ڳالهيون جاري آهن ۽ رمضان المبارڪ ۾ خوشخبري ملندي. سينيٽر مشاهد حسين سيد جي صدارت هيٺ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته  گڏيل عرب امارات جي جيل ۾ پاڪستاني سزا پوري ٿيڻ باوجود آزاد نه ٿي رهيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته سزا پوري ڪندڙ قيدين جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سعودي عرب سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، 2017ع تائين قيدي آزاد ٿيندا، جڏهن ته يو اي اي سان قيدين جي آزادي تي ڳالهيون جاري آهن، رمضان ۾ گڏيل عرب امارات کان خوشخبري ملندي.  هن چيو ته پلواما واقعي دوران مان گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هيس، اسان سڀ کان پهريون پلواما واقعي جي مذمت ڪئي پر ڀارت 10 منٽن ۾ پاڪستان تي الزام هنيو، دنيا کي ٻڌايو ته ڀارت بنا جاچ پاڪستان تي الزام هنيو، سرحدن جي ڀڃڪڙي تي آفريدي يورپي سفيرن کي بريفنگ ڏني، يو اين سيڪريٽري جنرل کي ڀارتي رد عمل تي خط لکيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته ڀارت معاملي کي غلط رنگ ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پلواما واقعي بعد ڀارت کي سهڪار جي آڇ ڪئي، نيپال، ترڪي، چين سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن رابطو ڪيو، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس پاڪستان جي چوڻ تي طلب ڪيو ويو، ڀارتي پرڏيهي وزير کي گهرائڻ جي فيصلي تي پارليامينٽ جي فيصلي تحت او آءِ سي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي جڏهن ته او آءِ سي ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي خلاف ٺهراءَ به منظور ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *