تنقيد ڪندڙ شهريار مهر ۽ شيرازي ڀائرن پ پ ۾ شموليت لاءِ منٿون ڪيون: شرجيل ميمڻ ،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر ميمبرن بدترين لوڊشيڊنگ خلاف سخت احتجاج ڪندي ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو جڏهن ته سخت گرمي سبب ماڻهن جي فوتگين جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ حڪومت خلاف داخل ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته ميمبرن بجيٽ بدران بدترين لوڊشيڊنگ خلاف بحث شروع ڪري ڏنو. سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، شرجيل ميمڻ جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن ” 2 ارب، 2 ارب“ جا نعرا هنيا، شرجيل ميمڻ فنڪشنل ليگ ميمبر نند ڪمار کي چيو ته” توکان نٿو ڊڄان، توکي ته ڏسي رهندس. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي جي ترقياتي بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته اپوزيشن جي تنقيد بنا جواز آهي، ڪراچي جي منصوبن لاءِ 49 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي، ڪي فور ۽ ٻيا منصوبا به جلد مڪمل ڪيا ويندا. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي تقرير دوران ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ جي ميمبرن ” 2 ارب، 2 ارب“ جا هوڪرا ڪيا، جنهن تان ايوان جو ماحول گرم ٿي ويو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته نيٽو ڪنٽينرن مان چوري ٿيل هٿيار ڪٿان مليا، سندس وات نه کولرايو وڃي، شهريار مهر ۽ شيرازي ڀائرن پ پ ۾ شموليت لاءِ منٿون ڪيون، اڄ پ پ تي تنقيد ڪري رهيا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي، پ پ قومي ادارن جو احترام ڪري ٿي، ڪنهن جي به خواهش پوري نه ٿيندي. شرجيل ميمڻ چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڇڪتاڻ آهي، پ پ فوج جي ڪالهه به عزت ڪندي هئي، اڄ به ڪري ٿي ۽ هميشه ڪندي رهندي هن چيو ته هو سڀ هڪ هئا ۽ هڪ رهندا، ڊڄڻ انهن کي گهرجي جن دهشتگردن سان مفاهمت ڪري رکي آهي، اهي ڊڄن جيڪي طالبان جي سهڪار سان چونڊون کٽي آيا آهن. اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن ۽ متحده ميمبر محمد حسين چيو ته ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪــَي اليڪٽرڪ انتظاميه اَي سي وارن ڪمرن ۾ ويهي بيان جاري ڪري ٿي جڏهن ته کيس ايوان ۾ ٿڌي هوا ڏسي سخت ڏک ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته ڪــَي اليڪٽرڪ جي نااهلي سبب پاڻي جو بحران بدترين ٿي چڪو آهي، وفاقي وزير خواجا آصف ۽ عابد شير علي کي بجلي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. ايم ڪيو ايم ميمبرن چيو ته هڪ ڪلاڪ ايوان جي ايئرڪنڊيشن بند ڪئي وڃي ته ميمبرن کي بجلي بند هجڻ جو احساس ٿيندو. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ايوان جي اَي سي بند ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڪــَي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ جي هنن مخالفت ڪئي هئي. نثار کهڙي چيو ته ڪـَي اليڪٽرڪ کي گرمي سبب فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪرڻو آهي ته کين معاوضو ڏنو وڃي. صوبائي وزير جاويد ناگوري چيو ته هڪ ڪلاڪ اَي ســِي بند ڪرڻ سان فائدو نه ٿيندو، هڪ ڏينهن جي عام موڪل ۽ مسئلي جو اثرائتو حل ڳوليو وڃي. پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان چيو ته گرمي جي شدت ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جي نشاندهي باوجود حڪومت ڪي به قدم نه کنيا ان ڪري ڪي اليڪٽرڪ انتظام سميت سنڌ حڪومت خلاف به ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي. پ پ ميمبر شميم ممتاز چيو ته ڪــَي اليڪٽرڪ خلاف ايف آءِ آر اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي فرياد تي داخل ڪرائڻ گهـُرجي. پ پ ميمبر ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته گرمي سبب فوتگين جي ذميوار ڪــَي اليڪٽرڪ آهي، فوت ٿيلن لاءِ دعا ڪرائي وڃي. بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ايم ڪيو ايم سميت مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن علامتي واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. اجلاس دوران صوبائي وزير جاويد ناگوري چيو ته لياري ۾ سڀ کان اڳ مهاجر آبادي قائم ٿي، پ پ جي ترقياتي ڪمن کي نه مڃڻ منافقت آهي. جاويد ناگوري چيو ته مڪي ۽ مديني جي هجرت کي هندستان جي هجرت سان نه ڳنڍيو وڃي، ان هجرت ۾ پنجابين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته گرمي تي سياست ڪرڻ بدران برسات لاءِ دعا ڪرائي وڃي، ايم ڪيو ايم ڪجهه ٽــَڪن خاطري ڪــَي اليڪٽرڪ کي خانگايو. جاويد ناگوري چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ڪنهن کي برادشت نه ٿا ڪرڻ چاهين، هــُو مهاجر دشمني نه پر محب وطني تي ڳالهائي رهيو آهي. جاويد ناگوري جي تقرير دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن گوڙ ڪيو. صوبائي وزير جاويد ناگوري ايم ڪيو ايم ميمبرن جي گوڙ باوجود تقرير جاري رکي ۽ چيو ته هــُو امن ڪميٽي کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *