دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ قوم متحد آهي، وڏي قيمت ادا ڪري چڪا آهيون: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري قوم متحد آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ٽوڙيو ويو، متاثرن جو پهريون جٿو گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪو آهي، حڪومت متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ هڪ ارب ڊالر رکيا، وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افغان پناهگيرن جي بحالي ۽ واپسي بابت معاملن تي ويچاريو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان پناهگيرن جي بهتر طريقي سان سار سنڀال ڪئي ۽ هاڻ کين باعزت طريقي سان واپس موڪلڻ حڪومت جي پهرين اوليت آهي. ملاقات ۾ سيفران وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، وزيراعظمجو پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، سيڪريٽري جاويد اسلم، سيڪريٽري سيفران پير بخش جمالي ۽ پناهگيرن بابت ڪمشنر  عمران زيب پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *