سنڌ حڪومت جو هڪ لک ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو، وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، سرڪاري نوڪرين تي هڪ لک ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ گريڊ هڪ کان 11 تائين ڀرتيون ڪيون وينديون، تفصيل موجب سنڌ حڪومت پاران عوام لاءِ تحفو هڪ لک وڌيڪ خالي آسامين تي ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي، شروعاتي مرحلي ۾ هڪ کان 11 گريڊ تائين ڀرتيون ڪيون وينديون، ڀرتي ڪرڻ جا اختيار واسطيدار ضلعي آفيسر کي ڏنا ويا آهن، ملازمن جي ڀرتين کي شفاف بڻائڻ لاءِ نگران ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، ڪميٽي جو سربراهه واسطيدار کاتي جو سيڪريٽري هوندو، ڪميٽي ۾ ڊويزنل ڪمشنر، ڊي سيز ۽ کاتي جو ڊويزنل آفيسر بطور ميمبر شامل هوندو، صحت، تعليم، آبپاشي، زراعت، سڌ سماءَ، سروسز اينڊ ايڊمنسٽريشن سميت ٻين کاتن ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ 16 گريڊ تائين جون ڀرتيون ڪيون وينديون، وڏي وزير 17 گريڊجي خالي آسامين جا تفصيل فوري طور تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ان گريڊجي ملازمن جون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *