آئين تي هڪ ڏينهن به عمل ناهي ٿيو، نواز ۽ زرداري ڪرپٽن نظام جي پيداوار آهن: جماعت اسلامي

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن هڪ ڏينهن به آئين تي عمل ناهي ڪيو، جيڪڏهن نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال انصاف نه ڪري سگهي ته پوءِ چئوواٽن تي عدالتون لڳنديون. لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاناما ليڪس ۾ 436 ماڻهن جا نالا آهن ۽ اسان سڀني جو احتساب چاهيون ٿا، نيب چيئرمين کي چوان ٿو ته قوم توهان ڏانهن واجهائي رهي آهي، جيڪڏهن توهان به انصاف نه ڪري سگهو ته پوءِ چئوواٽن تي عدالتون لڳنديون. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي سياست نظرين نه پر شخصيتن جي چوڌاري گهمي ٿي، نواز شريف ۽ سندس خاندان پنجاب ۾ رنجيت سنگهه کان وڌيڪ عرصو حڪومت ڪئي پر ايترو عرصو حڪومت کانپوءِ به اڄ لاهور ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي. سراج الحق چيو ته پاڪستان تي ڊرگ ۽ لينڊ مافيا قبضو ڪيو، حڪمرانن ڪجهه ڊالرن عيوض عافيا صديقي ۽ ايمل ڪانسي کي به وڪرو ڪيو. سڄو نظام ڪجهه خاندانن ۽ وي آءِ پيز لاءِ آهي، جنهن ۾ اسان جا نوجوان به محروم آهن، غريبن کي ڊگريون هجڻ باوجود نوڪريون نه ٿيون ملن، اڄ هن ملڪ ۾ سفارش، رشوت ۽ ڪرپشن جو ڪلچر آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين اهو نظام رهندو نواز شريف ۽ آصف زرداري پيدا ٿيندا رهندا، خدا جي واسطي انهن سياسي پنڊتن جي گهرن جو طواف نه ڪيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *